Walion K Sardar

Book Name:Walion K Sardar

ته شيخ حمّاد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اوچتو مون کي ڌِڪو ڏئي نهر ۾ ڪيرائي ڇڏيو! سخت سردين جا ڏينهن هئا، مون بِسمِ الله پڙهي ڪري جمعي جي غسل جي نِيَّت ڪري ورتي. جيئن تيئن ڪري پاڻيءَ مان نڪتس ۽ پنهنجو اُنَ جو جُبو نپوڙيو، ۽ قافلي سان وڃي مليس، شيخ حمّاد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا مُريد خوش طبعي ڪرڻ لڳا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کين ڇڙٻيو ۽ فرمايائون: مون عبدالقادر جو امتحان ورتو جنهن ۾ کين جبل جيان مضبوط ڏٺو، حضورِ غوثُ الاعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڌيڪ فرمايو ته مون پنهنجي استاد شيخ حماد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهکي سندن مزار پُر انوار ۾ هيرن ۽ موتين جي لباس ۾ ملبوس مٿي تي ياقوت جو تاج پاتل ۽ هٿن ۾ سون جا ڪنگڻ ۽ پيرن ۾ سون جي نعلينِ شريفين ۾ ڏٺو، پر تعجب واري ڳالهه جيڪا ڏٺي اها هيءَ هئي ته سندن ساڄو هٿ ڪم نه ڪري رهيو هو. منهنجي پُڇڻ تي ٻُڌايائون: هي اهو ئي هٿ آهي، جنهن سان مون توهان کي نهر ۾ ڌِڪو ڏنو هو. ڇا تون مون کي مُعاف ڪرين ٿو؟ جڏهن مون مُعاف ڪري ڇڏيو ته انهن چيو ته اوهان الله پاڪ جي بارگاهه ۾ دعا فرمايو ته مـنهنجو ساڄو هٿ صحيح ٿي وڃي، تنهن ڪري مـان الله پاڪ کان دعا گهرندو رهيس ۽ پنج هزار اولياء سڳورا پنهنجي پنهنجي مزار ۾ آمين چوندا ۽ منهنجي سفارش ڪندا رهيا ايتري تائين جو الله پاڪ سندن ساڄو هٿ صحيح فرمائي ڇڏيو جنهن سان انهن خوش ٿي ڪري مون سان مصافحو ڪيو.

بغداد مُعلّٰي ۾ جڏهن اها خبر مشهور ٿي ته سيّدُنا شيخ حمّاد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڪجهه مُريدن کي اها ڳالهه بلڪل پسند نه آئي ۽ اهي تصديق جي لاءِ درٻارِ غوثيہ ۾ حاضر ٿيا پر پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي هيبت جي سبب ڪنهن کي پُڇڻ جي مجال نه ٿي. پيرانِ پير، روشن ضمير، حضورِ غوثُ الاعظم دستگير رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهن ماڻهن جي دلين جو حال ڄاڻي ورتو ۽ پاڻ ئي ارشاد فرمايائون: توهان ٻه شيخ پسند ڪيو، جيڪي توهان جو هي مسئلو حل ڪن، پوءِ اهو معاملو حضرت شيخ يوسف همداني ۽ حضرت شيخ عبدالرحمٰن ڪُردي جيڪي اصحابِ