Walion K Sardar

Book Name:Walion K Sardar

   پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! اسان جي غوث پاڪ کي الله پاڪ ڪيڏي وڏي شان و عظمت سان نوازيو هو  جو پاڻ کي ولايت جي اهڙي بلند رتبي تي فائز فرمايو جو مشائِخِ اَولِيا مان ڪو به سندن جو مَٽ نه هو۔ ۽ اهو به ياد رکو ته ڪنهن به صاحِبِ ولايت کان ايتري قَدَر وڌيڪ ڪرامتون ظاهر نه ٿيون جيتريون سندن کان ٿيون، جيئن ته خاتَمُ المُحَدِّثِين حضرت سَيدُنا شيخ
عبدُ الحق مُحَدِّث دهلوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مشائخِ اَولِياء مان ڪو به ڪرامتن جي لحاظ کان سندن جي برابر ناهي، ايستائين جو ڪن مشائخن فرمايو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڪرامتن جو حال ته موتين جي لڙي جيان آهي جو جڏهن ٽٽندي آهي ته هڪ کان پوءِ هڪ موتي ڪرندا ويندا آهن، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جون ڪرامتون ڳڻپ ۽ شُمار کان ٻاهر آهن۔([1])پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ذاتِ بابرڪت ته ڪرامات و ڪمالات جو ئي سرچشمو آهي، صرف سندن مُبارڪ نالي جي اها برڪت آهي ته جتي پُڪاريو وڃي، مُوْذِي جانورن کان ڇوٽڪارو ملي ويندو آهي۔ جيئن

منقول آهي ته جيڪو شخص شينهن جي سامهون اچي ۽ حُضُور غوثِ اعظم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو نالو وٺي، شينهن ان تي حملو نه ڪندو۔ ([2]) ۽ مصيبت ۾ پاڻ  رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه  کي پُڪاريو وڃي ته الله پاڪ جي عطا سان پاڻ دستگيري فرمائن ٿا، پيدائشي انڌا ۽ ڪوڙھ جا مريض سندن دَر تان بينائي ۽ صِحّت جي دولت ماڻن ٿا، مُردا سندن ڪرامت سان زندھ ٿي ويندا آهن، ماڻهو سندن دُعا سان مالي نقصانن کان محفوظ رهندا آهن، چور ڌاڙيل، فاسق و فاجر ۽ طرح طرح جي گناهن ۾ مُلوِّث ماڻهو سندن هٿ تي تائب ٿيندا آهن ۽ پاڻ اهي صاحبِ ڪرامت هستي آهن جو جڏهن سندن بيان ۾ شريڪ ماڻهن کي بارش سان پريشاني ٿي ته سندن حڪم سان ڪڪر اجتماع ۾ شريڪ ٿيندڙن تي وسڻ بند ٿي ويا۔

عام طور ٻار جڏهن ماء جي پيٽ ۾ هوندو آهي ته اهو دُنيا ۽ جيڪو ڪجھ


 

 



[1] اشعۃ اللمعات،کتاب الفتن،باب الکرامات، ۴/۶۱۰ مفہوما

[2] نزہۃ الخاطرالفاتر، ص۲۵ بتغیر قلیل