Book Name:Walion K Sardar
ان ۾ آهي، انهن سڀني کان بالڪل بي خبر هوندو آهي، پوءِ جڏهن دُنيا ۾ اچي ويندو آهي تڏهن به ان کي هوش سنڀالڻ ۾ هڪ وڏو عرصو درڪار هوندو آهي پر قربان وڃجي! اولياء جي سردار تي جو سندن ذاتِ بابرڪات کان ڪرامتن جو ظاهر ٿيڻ هن دُنيا ۾ جلوه گري کان پهريان ۽ ولادت ساڻ ئي ٿيڻ لڳو هو، اڃان پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پنهنجي والده محترمه جي پيٽ ۾ هئا، جڏهن انهن کي نڇ ايندي هئي ۽ هوء اَلْحَمْدُلِله چونديون هيون ته پاڻ پيٽ ئي ۾ جواب ڏيندي يرْحَمُڪِ الله چوندا هئا۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پهرين (1st)رَمَضانُ المُبارڪ سومر جي ڏينهن صبحِ صادق جي وقت دُنيا ۾ جلوه گَر ٿيا، اُن وقت چپ آهسته آهسته چُري رهيا هئا ۽ الله الله جو آواز اچي رهيو هو۔([1]) پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پيدا ٿيندي ئي روزو رکيو ۽ جڏهن سج لٿو، ان وقت ماءُ جو کير پيتائون، سڄو رَمَضان سندن جو اهو ئي معمول رهيو۔([2]) جڏهن پاڻ ننڍپڻ ۾ کيڏڻ جو ارادو ڪندا هئا، غيب مان آواز ايندو هو: اي عبدُالقادِر! اسان توکي کيڏڻ جي واسِطي ناهي پيدا ڪيو.([3])پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جڏهن مدرَسي ۾ تشريف وٺي ويندا هئا ته آواز ايندو هو: الله جي ولي کي جڳھ ڏيو۔ ([4])
تُو ہے وہ غوث کہ ہر غوث ہے شیدا تیرا تُو ہے وہ غیث کہ ہر غیث ہے پیاسا تیرا
سورج اَ گلوں کے چمکتے تھے چمک کر ڈُوبے اُفقِ نور پہ ہے مَہر ہمیشہ تیرا
سارے اقطاب جہاں کرتے ہیں کعبہ کا طواف کعبہ کرتا ہے طوافِ درِ والا تیرا
گردنیں جھک گئیں سر بچھ گئے دِل لوٹ گئے کشفِ ساق آج کہاں یہ تو قدم تھا تیرا([5])