Deeni Talib-e-'Ilm Par Kharch Kijiye

Book Name:Deeni Talib-e-'Ilm Par Kharch Kijiye

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

ديني شاگردن تي خرچ ڪرڻ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو،  ياد اچڻ تي اعتڪاف جي نيت ڪري وٺو، ڇوته جيستائين مسجد ۾ رهندؤ اعتڪاف جو ثواب ملندو رهندو۔ ياد رکو! مسجد ۾ کائڻ، پيئڻ، سمهڻ يا سحري، افطاري ڪرڻ، ايستائين جو آبِ زم زم يا دَم ڪيل پاڻي پيئڻ جي به شرعاً اجازت ناهي، البت جيڪڏهن اعتڪاف جي نيت هوندي ته اهي سڀ شيون ضمناً جائز ٿي وينديون۔ اعتڪاف جي نيت به صرف کائڻ، پيئڻ يا سمهڻ جي لاءِ نه هئڻ گھرجي بلڪ ان جو مقصد الله تعاليٰ جي رِضا هجي۔ ”فتاويٰ شامي“ ۾ آهي: جيڪڏهن ڪو مسجد ۾ کائڻ پيئڻ يا سمهڻ چاهي ته اعتڪاف جي نيت ڪري ۽ ڪجھ دير ذِڪرُاللہ ڪري پوءِ جيڪو چاهي ڪري (يعني هاڻي چاهي ته کائي پي يا سمهي سگھي ٿو.)  جيڪڏهن ممڪن هجي ته اعتڪاف جي نيت ڪري 12 ڀيرا درود پاڪ  پڙهي وٺو يا ٻيو ڪو نيڪ ڪم ڪري وٺو. ان شاءالله ثواب وڌي ويندو ۽ مسجد ۾ کائڻ پيئڻ ۽ سمهڻ وغيره به جائز ٿي ويندو.

درود پاڪ جي فضيلت

حضرتِ سَيدُنا حَفص بن عبدُالله رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو بيان آهي ته مون اِمام الۡمُحَدِّثِين حضرتِ سَيدُنا اَبُو زُرعَه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي سندن وَفات کان پوءِ خواب ۾ ڏٺو ته هو پهرين آسمان تي ملائڪن کي نماز پڙھائي رهيا آهن۔ مون پڇا ڪئي: اي