Book Name:Zawal Kay Asbab
اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط
اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ
نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ
(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
حضرت ابو طلحه انصاري رَضِىَ اللهُ عنۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري صبح جي وقت الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پُرنُور چهري تي خوشي جا آثار هئا، صحابي سڳورن عَلَيۡهِمُ الرِّضْوَان ان جو سبب پڇيو ته فرمايائون: الله پاڪ پيغام موڪليو آهي: اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان جو جيڪو اُمَّتِي اوهان تي هڪ ڀيرو دُرود پڙھندو، مان ان جي لاءِ 10 نيڪيون لکندس، ان جا 10 گُنَاھ مٽائيندس، 10 درجا بلند فرمائيندس ۽ ايتري ئي رحمت موڪليندس۔([1])
اُن پر دُرود جن کو کَسِ بے کَساں کہیں اُن پر سَلام جن کو خَبَر بے خَبَر کی ہے([2])
وضاحت: هو پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن کي بي سهارن جو سهارو چيو ويندو آهي، جيڪو هر بي خبر جي خبر رکندڙ آهن، انهن تي دَرُود ۽ سلام هجن۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيبِ! صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد