Book Name:Dil Ki Islah Kyun Zaroori Hai
ڪنهن به وقت ڏينهن ۾ هڪ ڀيري 7 ڀيرا يَافَتَّاحُ پڙھي، اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! ان جي دِل روشن ٿيندي۔
12ديني ڪمن ۾ هڪ ديني ڪم: تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جو حلقو
اي عاشقانِ رسول! دل جي اصلاح ڪرڻ ۽ گُنَاهن کان بچڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، ذيلي حلقي جي 12 دِيني ڪمن ۾ خُوب اڳتي وڌي حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم! دل جي اصلاح به ٿيندي ۽ گُنَاهن کان بچڻ جو ذهن به بڻجندو۔ ذيلي حلقي جي 12 دِيني ڪمن مان هڪ دِيني ڪم آهي: تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جو حلقو۔
الحمد لله! عاشقانِ رسول، مبلغينِ دعوتِ اسلامي مسجد ۾ فجر جي نماز کان بعد تفسير ٻڌڻ ٻڌائڻ جو حلقو لڳائن ٿا، هن ۾ روزانو 3 آيتون ترجمي ۽ تفسير سان پڙهي ٻڌايون وينديون آهن، روزانو جون 3 آيتون يعني هڪ سال ۾ 1 هزار 95 آيتون، يعني اسان روزانو 15 کان 20 منٽ جي ڪوشش سان تقريباً اڍائي، 3 سال ۾ پُورو قرآنِ مجيد ٻُڌي، سکي ۽ سمجھي سگھون ٿا۔ اوهان به هن ديني ڪم ۾ ضرور حِصو وٺو ۽ دِل کي نُورِ قرآن سان روشن ڪريو! اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌون ٿا:
هڪ اسلامي ڀاءُ تقريباً 14 سال کان ٻاهرين مُلڪ ۾ مُقِيم هو۔ انهن کي هڪ ڀيري پنهنجي ڪارخاني ۾ ڪم ڪرڻ وارن جي ضَرورت پئي۔ انهن ويزائن جي لاءِ ڪيئي ڀيرا درخواستون جمع ڪرايون پر ڪافي ڪوشِشن جي باوُجود ويزائون نه ملي سگھيون۔ مُلازم نه هئڻ جي ڪري انهن کي نقصان کڻڻو پيو۔ خير هڪ دفعو ٻيهر درخواست جمع ڪرائي۔ انهيءَ دوران هڪ اسلامي ڀاءُ جي مَشوَري تي اُنهن شَجَري شريف مان دُعائيه شعر کي مسلسل پڙھڻ شروع ڪيو۔ ان جي برڪت سان انهن جو اهو ڪم حَيرت اَنگيز طور تي