Akhirat Ki Fikar Karni Hai Zaror

Book Name:Akhirat Ki Fikar Karni Hai Zaror

پيارا اسلامي ڀائرو! هي سيرتِ مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڪيڏو خوبصورت پهلو آهي. پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ موت کي هر وقت سامهون رکندا هئا حالانڪه پاڻ  ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي وحي جي ذريعي يقيني طور تي معلوم هو ته اڃان موت نه ايندو، دين مڪمل ٿيندو، تڏهن ئي دنيا مان رخصت ٿيندُس، ان جي باوجود پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ موت کي هميشه سامهون رکندا هئا. يقيناً هي اسان غلامن جي تعليم جي لاءِ آهي * نه ته  پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ته مالِڪِ جنّت آهن، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ شافِعِ محشر آهن * پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شفاعت سان امّتي جنّت ۾ ويندا * پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان الله پاڪ مقامِ محمود جو واعدو فرمايو آهي * پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دنيا مان رخصت ٿيڻ کان پهريان الله پاڪ سندن کي اختيار ڏنو ته محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! دنيا ۾ قيام چاهيو ته اوهان جي مرضي، اسان وٽ اچڻ چاهيو ته اچي وڃو! هونئن به انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام تي موت صرف هڪ آن (يعني گهڙي کَن) جي لاءِ ايندو آهي * اسان جا پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جي عطا سان هاڻي به پنهنجي مزار مبارڪ ۾ دنياوي زندگيءَ سان گڏ زندھ آهن.

تُو زِندہ ہے وَاللہ! تُو زِندہ ہے وَاللہ

مرے چشمِ عالَم سے چھپ جانے والے

(حدائقِ بخشش،صفحہ:158۔)

 ها! * اسان کي پنهنجي موت جو علم ناهي * موت جي وقت اسان جو ايمان سلامت رهي سگهندو يا نه، اسان کي خبر ناهي * مرڻ کان بعد اسان جي قبر جنّت جو باغ بڻجندي يا جهنّم جو کڏو، اسان کي خبر ناهي * قيامت جي ڏينهن الله پاڪ جي رحمت نصيب ٿيندي يا نه * پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شفاعت حاصل ڪري سگهنداسين يا گناھن جي جُرم ۾ جهنّم ۾ اڇلايا وينداسين * پلصراط تان سلامتيءَ سان گذري سگهنداسين يا نه، اسان کي خبر