Book Name:Akhirat Ki Fikar Karni Hai Zaror
پوءِ فرمايائون: الله پاڪ فرمائي ٿو: اي ابنِ آدم! (دنياوي فڪرَ ڇڏي ڪري) عبادت جي لاءِ فارغ ٿي وڃ! تنهنجي سيني کي مالداريءَ سان ڀريو ويندو ۽ جيڪڏهن تون ايئن نه ڪندي (مثال طور دنياوي فڪرن ۾ لڳو رهندي، صرف دنياوي مُستقبل جو ئي سوچيندو رهندي) ته تنهنجي دل کي مصروفيتن (مثال طور دنياوي مشغوليات) سان ڀريو ويندو.
(ابنِ ماجہ،کتاب :الزہد، صفحہ:668 ،حدیث:4107 ملتقطًا۔)
دنياوي فڪرن ۾ رهڻ هلاڪت جو سبب آهي
صحابيءِ رسول حضرت عبد الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جنهن پنهنجي تمام فِڪرن کي صرف هڪ فِڪر يعني آخرت جو فڪر بڻائي ڇڏيو ته الله پاڪ کيس دنيا جي فِڪر لاءِ ڪافي آهي ۽ جنهن جا فِڪرَ دنيا جي احوال ۾ مشغول رهن ته الله پاڪ کي ان جي پرواھ نه هوندي جو اهو ڪهڙي واديءَ ۾ هلاڪ ٿي رهيو آهي.
(ابنِ ماجہ ، کتاب :الزہد ، صفحہ:668 ،حدیث:4106۔)
اي عاشقانِ رسول! غور جو مقام آهي! اسان کي کائڻو ڪٿان آهي؟ پائڻو ڇا آهي؟ صبح جو ته کائي ورتو، شام جو ڪٿان ايندو؟ مُستقبل ڪيئن هوندو؟ پوڙهائپ ڪيئن گذرندي؟ ٻارن جو مُستقبل ڪيئن هوندو؟ هڪ ڪاروبار ته هلي رهيو آهي، ٻيو ڪيئن هلندو؟ هڪ جڳھ تان سُٺي آمدن ٿي رهي آهي، آمدن جا وڌيڪ ذريعا ڪيئن کوليا وڃن؟ ڪار، گهر، بنگلو ڪيئن ملندو؟ ڪاش! مان راتون رات امير ٿي وڃان وغيره وغيره هزار قِسمَن جا فِڪرَ ۽ خيال اسان دل ۾ سمائي رکندا آهيون، انهن ئي فڪرن ۾ صبح ٿيندي آهي، انهن ئي فڪرن ۾ رات ٿيندي آهي ۽ زندگي ايئن ئي ختم ٿي ويندي آهي. اسان جا آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمائي رهيا آهن: جيڪو ٻانهو اهڙا فڪرَ ڇڏي ڏي، صرف هڪ فڪر، آخرت جو فڪر اپنائي وٺي ته مون