Book Name:Akhirat Ki Fikar Karni Hai Zaror
لڪير ڇڪي، پوءِ فرمايائون: هي (يعني ڊٻي جي اندر هڪ لڪير) انسان آهي ۽ هي (يعني ان جي چؤطرف چؤ ڪنڊو ڊٻو) هي موت آهي، جنهن انسان کي گهيري رکيو آهي، هي ننڍيون ننڍيون لڪيرون، مختلف آفتون آهن جيڪي انسان کي چنبڙيل آهن، انسان هڪ کان بچي ويندو آهي ته ٻي ان کي ڏنگي وجهندي آهي ۽ اها (يعني ڊٻي کان ٻاهر واري لڪير) انسان جي اميد آهي.
(بخاری، کتاب :الرقاق، باب:فی الامل وطولہ،صفحہ:1581،حدیث:6417 ۔)
پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! هن عبرتناڪ حديثِ پاڪ اسان جي حالات جي پوري پوري عڪاسي ڪري ڇڏي آهي. واقعي موت اسان کي چؤطرف گهيري رکيو آهي * اسان آس پاس موت جي سبب تي غور ڪيون * بجلي موت جو ذريعو آهي * اسان جي گاڏي موت جو ذريعو آهي * بيماري موت جو ذريعو آهي * اسان جو کاڌو اسان جي اندر وڃي ڪري زهر به بڻجي سگهي ٿو، لهٰذا هي به موت جو ذريعو آهي، هيئن غور ڪيون، موت اسان کي چؤطرف گهيري رکيو آهي ۽ اسان مختلف قسمن جي مسئلن ۾ ڦاٿل آهيون * ڪڏهن بيماري ايندي آهي * ڪڏهن تنگدستي ايندي آهي * ڪڏهن ٻارن جو فڪر * ڪڏهن کاڌي جو فڪر * ڪڏهن ڪمائڻ جو فڪر * اسان هزار قسمن جي فڪرن ۾ ۽ مسئلن ۽ آفتن ۾ گرفتار ٿيل آهيون، جڏهن ته اسان جون اميدون ڪيئي سالن جون آهن، اسان کي خبر ناهي ته سڀاڻي جو سج به ڏسي سگهداسين الائي نه پر پلاننگ اسان وٽ 100 سال جي آهي، خواب اسان وڏا وڏا ڏسي رکيا آهن. هاءِ! افسوس خبر ناهي هي خواب پورا به ٿي سگهندا يا نه، پوءِ جيڪڏهن پورا ٿي به ويا، تڏهن به موت ته بهرحال اچڻو ئي اچڻو آهي، قبر ۾ ته لهڻو ئي لهڻو آهي، قيامت جي ڏينهن بارگاھِ الاهي ۾ پيشي ته ٿيڻي ئي ٿيڻي آهي...!! پر افسوس! قبر جي، قيامت جي اسان وٽ ڪا پلاننگ ناهي.