Dost Kaise Banaye

Book Name:Dost Kaise Banaye

مڪرمه جو وڏو ظالم ڪافر هو، جڏهن اُن کي خبر پئي ته عُقبه رسولِ اڪرم، نُورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي گھر دعوت ڪئي آهي ۽ ڪلمو به پڙهي ڇڏيو اٿس ته ان ڪافر جي رڳ ڦڙڪي اُٿي، اُن عُقبه کي اُڪسايو ۽ چيو: منهنجي توسان دوستي جي هاڻي هڪ ئي راھ آهي، اها هيءَ آهي ته تون محَمَّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان بد تميزي سان پيش اچ! مَعَاذَالله!

هاڻ عُقبه بن ابي مُعيط جي سامهون 2 رستا هئا، هڪ طرف اُن جو دوست هو، ٻي طرف الله پاڪ جي محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو دامنِ اَقدس ۽ ٻنهي جهانن جون ڀلايون هيون پر افسوس! عُقبه بن ابي مُعيط ڪافر ڪافر جي دوستي کي پسند ڪيو، هي بدبخت بارگاھِ رسالت ۾ آيو ۽ ان سخت گستاخي ڪئي ([1])، ان تي سيپاري:19، سوره فرقان جي هي آيت ڪريمه نازل ٿي:

وَ  یَوۡمَ یَعَضُّ الظَّالِمُ عَلٰی  یَدَیۡہِ یَقُوۡلُ یٰلَیۡتَنِی اتَّخَذۡتُ مَعَ الرَّسُوۡلِ سَبِیۡلًا (۲۷) یٰوَیۡلَتٰی لَیۡتَنِیۡ لَمۡ اَتَّخِذۡ فُلَانًا خَلِیۡلًا (۲۸)  لَقَدۡ اَضَلَّنِیۡ عَنِ الذِّکۡرِ  بَعۡدَ  اِذۡ جَآءَنِیۡ ؕ وَ کَانَ الشَّیۡطٰنُ لِلۡاِنۡسَانِ خَذُوۡلًا (۲۹)  (پارہ:19،سورۂ فرقان:27 تا 29)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ جنهن ڏينهن ظالم پنهنجا هٿ چٻاڙيندي چوندو:   اي ڪاش جو مون رسول سان رستو اختيار ڪيو هجي ها. هاءِ منهنجي بربادي! اي ڪاش جون مون فلاڻي کي دوست نه بڻايو هجي ها. بيشڪ ان مون وٽ نصيحت اچي وڃڻ کان  بعد مون کي ان کان ڀٽڪائي ڇڏيو ۽ شيطان انسان کي مصيبت جي وقت بي يارومددگار ڇڏڻ وارو آهي.

انسان کي جڏهن گھڻي حسرت ۽ شرمندگي ٿيندي آهي يا تمام گھڻو غُصو


 

 



[1]... خازن، پارہ:19،سورۂ فرقان،زیرِ آیت:27،جلد:3 ،صفحہ:312۔