Dost Kaise Banaye

Book Name:Dost Kaise Banaye

ايندو آهي ته ڪجهه ماڻهو ڏند پيهندا آهن، ڪجھ ماڻهو حسرت ۾ پنهنجي هٿن کي چڪ هڻڻ لڳندا آهن، قيامت جي ڏينهن عُقبه بن ابي مُعيط جي به اها ئي حالت هوندي، اهو حسرت سان پنهنجي هٿن تي چڪ هڻندو([1]) ۽ چوندو: اي ڪاش! مون رسولِ اڪرم، نُورِ مُجسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ساٿ ماڻيو هجي ها، ڪاش! ان جي پيروي ۾ جنّت ۽ نجات جو رستو اختيار ڪيو هجي ها! هاءِ منهنجي بربادي...!! ڪاش! مون فلاڻي (يعني اُبَيۡ بن خَلف) کي دوست نه بڻايو هجي ها. ([2]) 

اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! عُقبه بن ابي مُعيط رسولِ اڪرم، نُورِ مُجسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ ويهندو هو، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون هدايت ڀريون ڳالهيون ٻڌندو هو، ان پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي چوڻ تي ڪلمو به پڙهي ورتو هو پر افسوس! هڪ ڪافر جي دوستيءَ ان کي گمراھ ڪري ڇڏيو، هي جنّت جي رستي جو مُسافر بڻجي ئي چڪو هو پر غلط دوستيءَ انهي کي وري جھنّم ڏانهن ڌڪي ڇڏيو. هاڻ اسان پنهنجي باري ۾ غور ڪيون، افسوس! جيڪڏھن اسان برن ماڻھن کي دوست بڻايو * جيڪي نمازون نه آھن پڙھندا * نيڪ ڪم نه آھن ڪندا * الله و رسول جي نافرماني ڪندا آھن * شراب پيئندا آھن * جوا کيڏندا آھن * وياج جي ڏي وٺ ڪندا آھن * ڀنگ چرس وغيره جو نشو ڪندا آھن * جھيڙو ڪرڻ وارا * فيشن پرستي ۾ آخرت کي وسارڻ وارا * سرڪش ۽ نافرمان آھن * اسان جيڪڏھن اھڙن کي دوست بڻايو ته ڪٿي سڀاڻي قيامت جي ڏينھن جڏھن سڀ تعلقات ٽٽي ويندا * ماءُ پٽ کان ڀڄندي * پيءُ  اڪلوتي پٽ کي ڇڏي ڏيندو * ڀاءُ ڀاءُ کان پري ڀڄندو، ان


 

 



[1]... خازن، پارہ:19،سورۂ فرقان،زیرِ آیت:27،جلد:3 ،صفحہ:313۔

[2]... خازن، پارہ:19،سورۂ فرقان،زیرِ آیت:28،جلد:3 ،صفحہ:313۔