Dost Kaise Banaye

Book Name:Dost Kaise Banaye

بدمذھب جي صحبت ايمان جي لاء وڏي خطرناڪ آھي ان جي سبب انسان جا عقيدا خراب ٿيندا آهن، دل ڪاري ٿي ويندي آھي، ايمان ڪمزور ٿي ويندو آھي ۽ ماڻهو الله ۽ رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي گستاخين تي دلير ٿي ويندو آھي.

 تعلقي ڦاليه (پنجاب پاڪستان) جي ھڪ رھاڪو اسلامي ڀاء جي بيان جو خلاصو آھي ته دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان اڳ بدمذھبن جي صحبت ميسر ھئي، جنهن جي نحوست سان انبياء ڪرام عَلَیْہِمُ السَّلَام جي تعظيم ۽ محبتِ اولياء رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي مٺاس کان محروم هيس عاشقان رسول ۽ غلامان اولياءِ کان ايتري قدر نفرت ھئي جو منهنجو چاچو جيڪو عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي خوشبودار ديني ماحول سان وابسته ھيو اهو جڏهن اسان جي گهر ايندو ھيو ته منهنجي اندر نفرت جي باهه ڀڙڪي ويندي ھئي، ان کي حقارت واري نگاھ سان گهوريندو هيس ۽ ان سان ڳالھ  ٻول ڪرڻ به برداشت نه ڪندو ھيس شايد اهڙي طرح منهنجي زندگي جي شام ٿي وڃي ها ۽ سڀاڻي قيامت جي ڏينهن حسرت ۽ پشيماني کي منهن ڏيڻو پوي ها پر مون تي منهنجي رب جو ڪرم ٿيو ۽ ڪنهن ڪم جي سلسلي ۾ لاھور چاچي جي گهر وڃڻ ٿيو، ھڪڙي ڏينهن ان دعوت اسلامي جي ھفتي وار سنتن ڀريي اجتماع ۾ شريڪ ٿيڻ جو چيو نه چاھندي به آئون ان کي منع نه ڪري سگهيس ۽ اجتماع ۾ شريڪ ٿي ويس پر اتي به منهنجي اکين تي ٻڌل نفرت ۽ دشمني جي پٽي نه کلي سگهي، قسمت ۾ جيئن ته بدمذھبيت کان ڇوٽڪارو ۽ عاشقان رسول جي صحبت لکيل ھئي انهي ڪري ھڪڙي ڏينهن ديني ماحول سان وابسته ھڪ اسلامي ڀاء سان ملاقات ٿي ان تمام گهڻي شفقت ڀري انداز ۾ مون تي انفرادي ڪوشش ڪئي ۽ مون کي راھ خدا جي ۾ سفر جي ترغيب ڏني نه ڄاڻي ان جي ڳالهين ۾ ڪھڙو اثر ھيو مون هٿون هٿ ھڪ مهيني جي مدني قافلي ۾ سفر جي نه صرف هامي ڀري ڇڏي بلڪه مدني قافلي