Dost Kaise Banaye

Book Name:Dost Kaise Banaye

عَلَيه السَّلَام وٽ ٽي مانيون ھيون، جڏھن ھڪ ھڪ ماني ٻئي کائي چڪا ته حضرت عيسيٰ عَلَيه السَّلَام شاخَ مان پاڻي پيئڻ لڳا، ان شخص ٽين ماني لِڪائي ڇڏي۔ جڏھن پاڻ عَلَيه السَّلَام پاڻي پي واپس آيا ته ماني موجود نه ڏسي فرمايائون: ٽين ماني ڪيڏانھن وئي؟ ان ڪوڙ ھڻندي چيو: مون کي خبر ناھي ته ٽين ماني ڪاڏي وئي، بهرحال پاڻ عَلَيه السَّلَام خاموش ٿي رھيا۔

ٿوري دير کان پوءِ فرمايائون: اچو اڳتي ھلون! رستي ۾ ھڪ ھرڻي ملي جنھن سان گڏ 2 ٻچا ھئا، پاڻ عَلَيه السَّلَام ھرڻي جي ھڪ ٻچڙي کي پاڻ ڏانھن سڏيو، اھو اچي ويو پاڻ عَلَيه السَّلَام ان کي ذبح ڪيو، ڀُڳو ۽ ٻنھي گڏجي ڪري کاڌو. گوشت کائڻ کان پوءِ پاڻ عَلَيه السَّلَام ھڏين کي جمع ڪيو ۽ فرمايو: قُمْ بِاِذْنِ اللہ (الله پاڪ جي حڪم سان زندھ ٿي اٿي بيھه) ھرڻي جو ٻچو زندھ ٿي ڪري پنھنجي ماءُ سان وڃي مليو. پاڻ عَلَيه السَّلَام ان شخص کي فرمايو: توکي الله پاڪ جو قسم! جنھن مون کي ھي معجزو ڏسڻ جي قُوت عطا ڪئي، سچ ٻڌاءِ اھا ٽين ماني ڪاڏي وئي؟ ان چيو: مون کي خبر ناھي۔ فرمايائون: اچو اڳتي ٿا ھلون۔ ھلندي ھلندي ھڪ درياء تي پھتا، پاڻ عَلَيه السَّلَام ان شخص جو ھٿ پڪڙيو ۽ پاڻي مٿان ھلندي درياء جي ٻي ڪناري پهچي ويا، پاڻ عَلَيه السَّلَام ان شخص کي فرمايو: توکي ان خدا جو قسم! جنھن مون کي ھي معجزو ڏسڻ جي قُدرت عطا ڪئي، سچ ٻڌاءِ ته اھا ٽين ماني ڪاڏي وئي؟ ان چيو: مون کي خبر ناهي. پاڻ عَلَيه السَّلَام فرمايو: اچو اڃا اڳتي ٿا ھلون۔ ھلندي ھلندي ھڪ ريگستان ۾ پھتا، پاڻ عَلَيه السَّلَام وَارِي جو ھڪ ڍير بڻائي فرمايو: اي واريءَ جا ڍير! الله پاڪ جي حڪم سان سون بڻجي وڃ. اھو ڍير فوراً سون ۾ بدلجي ويو، پاڻ عَلَيه السَّلَام ان جا 3 حصا ڪيا پوءِ فرمايائون: ھي ھڪ حصو منھنجو آھي ۽ ھڪ حصو تنھنجو ۽ ھي ٽيون حصو ان جو جنھن اھا ٽين ماني کنئين آهي، اھو ٻڌندي  ئي ان شخص جھٽ ۾ ڳالھائي وڌو: یَا رُوْحَ اللہ! اھا ٽين ماني مون ئي کنئين ھئي، پاڻ عَلَيه السَّلَام فرمايو: ھي سڄو سون تون ئي کڻ. پوءِ