Dost Kaise Banaye

Book Name:Dost Kaise Banaye

پاڻ عَلَيه السَّلَام ان شخص کي ڇڏي ڪري اڳتي تشريف وٺي ويا. ھي شخص سون چادر ۾ ويڙھي اڪيلو ئي روانو ٿيو، رستي ۾ ان کي 2 شخص مليا، انھن جڏھن ڏٺو ته ھن وٽ سون آھي ته ان کي قتل ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي ويا ته جيئن سون کسي وٺون. ان شخص جان بچائڻ خاطر چيو: توھان مون کي قتل ڇوٿا ڪيو اسان ھن سون جا 3 حصا ڪري وٺون ٿا ۽ ھڪ ھڪ حصو ورھائي ٿا وٺون۔ اھي ٻئي شخص ان تي راضي ٿي ويا۔ ان شخص چيو بھتر آھي اسان مان ھڪ ماڻھو ٿوررو سون کڻي ڪري ويجھو شھر مان کاڌو خريد ڪري اچي ته جيئن کائي، پي ڪري سون تقسيم ڪري وٺون، جيئن ته انھن مان ھڪ ماڻھو شھر پھتو، کاڌو خريد ڪري واپس ٿيڻ لڳو ته ان سوچو، بھتر اھو آھي ته کاڌي ۾ زھر ملائي ٿو ڇڏيان ته جيئن اھي ٻئي کائي مري وڃن ۽ سڄو سون مان ئي ڦٻائي وٺان. اھو سوچي ڪري ان زھر خريد ڪري کاڌي ۾ ملائي ڇڏيو. ھوڏانھن ھنن ٻنھي ھيءَ سازش ڪئي ته جيئن ئي ھو کاڌو وٺي ايندو ته اسان ٻئي ملي ڪري ان کي ماري ڇڏينداسين ۽ پوءِ سڄو سون اڌو اڌ ڪري ورھائي وٺنداسين جيئن ئي جڏھن اھو شخص کاڌو وٺي آيو ته انھن ٻنھي ھن کي قتل ڪري ڇڏيو۔ ان کان پوءِ ٻئي خوشيءَ خوشيءَ سان کاڌو کائڻ لڳا ته زھر پنھنجو اثر ڪري ڏيکاريو ۽ ھي ٻئي به تڙپي تڙپي ڪري مري ويا ۽ سون جيئن جو تيئن ئي پيو رھيو. بعد ۾ حضرت عيسيٰ عَلَيه السَّلَام  موٽيا ته چند ماڻھو پاڻ عَلَيه السَّلَام سان گڏ ھيا پاڻ عَلَيه السَّلَام سون ۽ ٽن لاشن ڏانھن اشارو ڪري ساٿين کي فرمايائون: ڏسي وٺو دنيا جو ھي حال آھي بس توھان تي لازم آھي ته ان کان بچندا رھو۔([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو توھان! دنيا ۽ ھتي جي مال ۽ دولت جي لالچين جو  ڇا حال ٿيو، سڀني مال جي لالچ ۾ ھڪ ٻئي کي قتل ڪري ڇڏيو الله پاڪ


 

 



[1]... اِتحافُ السَّا دَ ۃِ المُتّقِینَ،کتاب:ذم البخل و ذم حب المال ، جلد:9،صفحہ:835۔