Rizq Main Izafa Ki Asbab

Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab

استغفار جي معنٰي آهي: مَغفرت جي دعا ڪرڻ. اَسْتَغْفِرُ اللہ، اَسْتَغْفِرُ اللہ پڙهندا رهو، اَسْتَغْفِرُ اللہَ رَبِّی مِنْ کُلِّ ذَنْبٍ وَّ اَتُوْبُ اِلَیْہِ پڙهو، هي اِستغفار  آهي. ان کان علاوه حديثن ۾ اِستغفار جا ٻيا به صيغه بيان ٿيا آهن. هونئن ته هلندي ڦرندي به اَسْتَغْفِرُ اللہ، اَسْتَغْفِرُ اللہ پڙهندا رهو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! فائدو ٿيندو، باقي اسان کي باقاعده اهتمام سان به اِستغفار ڪرڻ گهرجي، مثال طور: وقت ۽ تعداد مقرر ڪري، مثال طور فجر کان بعد 100 ڀيرا، باوضو قبلي ڏانهن منهن ڪري، پنهنجي گناھن ۽ الله پاڪ جي رحمت تي نظرون ڄمائي، دل سان استغفار ڪيو، اِستغفار جي لاءِ ڪو وقت خاص ناهي، باقي رات جي پوئين پهر ۾ استغفار جي گهڻي فضيلت آهي جو ان وقت اِسۡتغفار ڪرڻ نيڪ ماڻهن جو طريقو آهي، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ الۡمُسۡتَغۡفِرِیۡنَ بِالۡاَسۡحَارِ (۱۷)  (سيپارو: 3، سورة آلِ عمران: آيت: 17)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ رات جي آخري حصي ۾مغفرت طلب ڪرڻ وارا

   ۽ سيپارو: 26، سورةُ الذاريات، آيت: 18 ۾ فرمايو:

وَ  بِالۡاَسۡحَارِ ہُمۡ  یَسۡتَغۡفِرُوۡنَ (۱۸)  (سيپارو: 26، سورةُ الذاريات، آيت: 18)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ رات جي آخري پهرن ۾ بخشش گهرندا هئا.

   معلوم ٿيو: پرهيزگار راتين جو اٿي ڪري، رات جي پوئين پهر ۾ نمازون پڙهندا آهن، توبھ ۽ استغفار ڪندا آهن اهي الله پاڪ جا نيڪ ٻانها آهن. الله پاڪ اسان کي به اهڙي توفيق نصيب فرمائي.   اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ  الۡاَمِيۡن صَلَّى  اللّٰهُ عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                   صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد