Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab

سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس۔

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                     صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

رِزق ۾ اضافي جا 2 روحاني وظيفا

 (1): هڪ ڀيري هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمتِ ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائون: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! دنيا مون کان منهن ڦيري ڇڏيو، پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کيس  تنگدستي کان نجات جو روحاني وظيفو (Spiritual Supplication) ٻڌائيندي فرمايو: ڇا اها تسبيح اوهان کي ياد ناهي؟ جيڪا تسبيح ملائڪن جي آهي ۽ جنهن جي برڪت سان روزي ڏني ويندي آهي، طلوعِ فجر جي وقت 100 ڀيرا چوندو ڪر

سُبْحٰنَ اللہِ وَبِحَمْدِہٖ سُبْحٰنَ اللہِ الْعَظِیْمِ وَ بِحَمْدِہٖ، اَسْتَغْفِرُاللہ

اهو صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه وظيفو ٻڌي ڪري هليو ويو، ڪجھ ڏينهن کان پوءِ خدمتِ اقدس ۾ حاضر ٿي ڪري عرض ڪيائين: يارسولَ الله (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ)! دنيا موٽ وٽ ايتري ڪثرت سان آئي، مان حيران آهيان ڪٿان کڻان ۽ ڪٿي رکان.[1]

 (2): حضرت سهل بن سعد رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري هڪ شخص بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيو ۽ پنهنجي تنگدستي ۽ غريبي جي شڪايت ڪيائين. پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جڏهن تون پنهنجي گهر ۾ داخل ٿئين ته گهر وارن کي سلام ڪر! جيڪڏهن گهر ۾ ڪوبه نه هجي ته مون تي سلام عرض ڪر ۽ هڪ ڀيرو قُل ہُوَ اللہ ُاَحَدْ (يعني مڪمل سورةِ اخلاص) پڙهندو ڪر.


 

 



[1] خصائصُ الکبرٰی ،جلد:2 ،صفحہ:299