Rizq Main Izafa Ki Asbab

Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab

واقعہ جي تلاوت جو معمول (Routine) بڻائڻ به رِزق ۾ اضافي جو سبب آهي. اهڙيءَ طرح صدقو ۽ خيرات ڪرڻ سان به رِزق ۾ اضافو ٿيندو آهي. حديث پاڪ ۾ آهي: اِسْتَنْزِلُوا الرِّزْقَ بِالصَّدَقَۃِ يعني صدقات جي ذريعي رزق تلاش ڪيو.[1] صبح سوير جاڳڻ (۽ فجر جي نماز ادا ڪرڻ) نعمتن ۾ اضافي جو باعث بڻجندو آهي. ماڻهن کان خوش طبعي ۽ چڱي انداز سان گفتگو ڪرڻ به رزق کي وڌائيندو آهي. پنهنجي گهر جي ماحول ۽ گهر جي ٿانوَن وغيره کي صاف سٿرو رکڻ رزق ۾ خير ۽ برڪت جو ذريعو آهن. پنجن ئي نمازن جي ادائيگي ۽ انهن ۾ خشوع ۽ خضوع، نماز جا واجبات، سنّتن ۽ آدابن جو پوري طرح لحاظ رکڻ به رزق ۾ خير ۽ برڪت جو ذريعو (Source) آهي. مسجد ۾ اذان کان پهريان پهچڻ رزق ۾ خير ۽ برڪت جو ذريعو آهي. غير مُفيد (Useless) ۽ فضول ڳالهين کان بچڻ به رزق ۾ خير ۽ برڪت جو ذريعو آهي. رات ڏينهن الله پاڪ کان دعا گهرڻ ڏينهن جي شروعات ۾ گهر جي اندر بِسمِ الله ۽ سورت اخلاص پڙهي وٺڻ. کائڻ کان پهريان ۽ بعد جو وضو (يعني هٿ منهن ڌوئڻ). دين جي احڪامن تي پابندي سان عمل ڪندي الله پاڪ جي اطاعت ڪرڻ. طهارت ۽ پاڪيزگي (Cleanliness) اختيار ڪرڻ.  دسترخوان تي ڪِريل ٽڪرن کي چونڊي چونڊي ڪري کائڻ نمازِ تهجد پڙهندو رهڻ. توبھ جي ڪثرت ڪندو رهڻ ۽ فجر جون سنّتون ۽ فرضن جي درميان 70 ڀيرا اِستغفار ڪرڻ. گهر ۾ آيةُ الڪرسي پڙهڻ ۽ ڪثرت سان درودِ پاڪ پڙهڻ. قرآنِ ڪريم ۽ ديني ڪتابَ مدرسي جي لاءِ وقف ڪرڻ. ٻين تائين علمِ دين پهچائڻ. جيتوڻيڪ قرآن جي هڪ آيت يا دين جو هڪ مسئلو هجي، ان سان به رزق ۾ خير ۽ برڪت ۽ وُسۡعت (Expansion) نصيب ٿيندي آهي.


 

 



[1] شعب الایمان،جلد:2 ،صفحہ:74،حدیث:1197۔