Rizq Main Izafa Ki Asbab

Book Name:Rizq Main Izafa Ki Asbab

هڪ اهو ٻانهو آهي جنهن کي الله پاڪ علمِ (دين) جي دولت سان ته نوازيو پر مال عطا نه فرمايو پر اهو آهي سچي نيّت وارو، چوندو آهي: جيڪڏهن مون وٽ مال هجي ها ته مان فلاڻي (نيڪ مالدار) جيان (نيڪين وارا) ڪم ڪيان ها. انهن ٻنهي جو ثواب برابر آهي (يعني هي غريب ۽ اهو مالدار جيڪو مال جا حقوق ادا ڪندو آهي، ثواب ۾ هي ٻئي برابر آهن، اهو مال خرچ ڪرڻ جي سبب، هي چڱي نيّت جي سبب). (3): هڪ اهو ٻانهو آهي جنهن کي الله پاڪ مال ڏنو پر علمِ (دين) عطا نه فرمايو، بَس اهو پنهنجي مال ۾ بنا علم جي ملاوٽ ئي ڪندو آهي(يعني هر حرام ۽ حلال طريقي سان مال ڪمائيندو آهي ۽ هر حلال ۽ حرام جڳھ خرچ ڪندو آهي، نه پاڻ عالِم آهي، نه عالمن جي مڃيندو آهي)، (4): هڪ اهو ٻانهو آهي جنهن کي الله نه مال ڏنو، نه علمِ، اهو چوندو آهي: جيڪڏهن مون وٽ مال هجي ها ته مان به ان فلاڻي (بُري مالدار) جهڙا ڪم ڪيان ها (مثال طور مان شراب پيئان ها، جُوا کيڏيان ها خوب عيش ڪيان ها)، ته هي پنهنجي نيّت تي آهي ۽ انهن ٻنهي(يعني بُري مالدار ۽ جاھِل غريب) جو گناھ برابر آهي.[1]

 ڪهڙي سبق آموز حديثِ پاڪ آهي، اسان امير آهيون يا غريب، مالدار آهيون يا تنگدست، بهرحال عِلمِ دين اسان کي لازمي سکڻ گهرجي، مال هڪ باھ آهي، جيڪو ان کي استعمال ڪرڻ ڄاڻي ٿو، ان جي لاءِ فائدي مند (Useful) آهي ۽ جيڪو ان جو استعمال نه ٿو ڄاڻي، ان کي هي هلاڪ ڪري ڇڏيندو آهي، ان جي لاءِ امير، غريب سڀني کي گهرجي ته علمِ دين لازمي سکن. مشهور مفسرِ قرآن، حڪيمُ الامّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديث پاڪ جي تحت نهايت پياري دعا لکي آهي، فرمائن ٿا: الله پاڪ عثماني مال ڏي، ابو جهلي مال کان بچائي.[2]

  عُثماني مال: يعني اهو مال جو ٻانهي وٽ علمِ دين به هجي، مال به هجي ۽ اهو حلال ذريعي سان مال ڪمائي، حلال جڳھ تي خرچ (Expense) ڪري ۽ مال


 

 



[1] ترمذی،کتاب:الزہد،باب:ما جاء مثل الدنیا مثل اربعۃ نفر،صفحہ:557 ،حدیث:2325۔

[2] مرآۃ المناجیح،جلد:7 ،صفحہ:101۔