Book Name:Dil Ka Zang Door Karne Ka Tarika
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ : (1): ماڻهو جو خاموشيءَ تي قائم رهڻ 60 سال جي عبادت کان بهتر آهي. ([2])
اي عاشقانِ رسول! گهٽ ڳالهائڻ سنّت مصطفٰي آهي * اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ طويل خاموشيءَ وارا هئا. ([3]) * پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بنا ضرورت ماڻهن سان ڪلام نه فرمائيندا هئا، هند بن ابو هاله رَضِىَ اللهُ عَنْه جو بيان آهي ته پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بنا ضرورت گفتگو نه فرمائيندا هئا بلڪه اڪثر خاموش ئي رهندا هئا. ([4]) خاموشيءَ مان مراد آهي: دنياوي ڪلام کان خاموشي نه ته حضورِ اقدس صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زبان مبارڪ الله پاڪ جي ذڪر سان تَرۡ رهندي هئي. ([5])
پيارا اسلامي ڀائرو! * خاموشي حڪمت آهي * گهٽ ڳالهائڻ سان عقل ڪامل ٿيندو آهي * گهٽ ڳالهائڻ عبادت جي ڪنجي آهي * گهٽ ڳالهائڻ سان عبادت جي لذَّت نصيب ٿيندي آهي * گهٽ ڳالهائڻ سان عزَّت، وقار، علم ۾ اضافو