Dil Ka Zang Door Karne Ka Tarika

Book Name:Dil Ka Zang Door Karne Ka Tarika

اسان کي جيڪو حڪم ڏيندي آهي، اسان اهو ئي ڪندا آهيون، جيئن اسان جي دل جي حالت (Condition) هوندي آهي، ايئن ئي اسان جون عادتون، اخلاقَ، ڪردار هوندو آهي، دل صاف سٿري چمڪدار هجي ته اسان نيڪ بڻجندا آهيون، نيڪ رهندا آهيون، دل جي چمڪ ڌمڪ اسان جي عضون ۾، اسان جي عادتن ۽ ڪردار ۾ نظر ايندي آهي ۽ الله نه ڪري اسان جي دل ڪاري هجي، دل تي گناھن جي ميراڻ چڙهيل هجي ته اسان جا عضوا، اسان جو ڪردار (Character)، اسان جون عادتون به متاثر (Effect) ٿينديون آهن. پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو:

اَلَاۤ وَ اِنَّ  فِي الجَسَدِ مُضْغَةً: اِذَا صَلَحَتْ صَلَحَ الجَسَدُ كُلُّهُ، وَاِذَا فَسَدَتْ فَسَدَ الجَسَدُ كُلُّهُ، اَلَاۤ  وَهِيَ القَلْبُ

ٻڌو! بيشڪ جسم ۾ رت جو هڪ دِڳُ (Clot) آهي، جڏهن اهو ٺيڪ ٿي وڃي، ته تمام جسم ٺيڪ ٿي ويندو آهي ۽ جڏهن اهو دِڳُ بگڙجي وڃي ته سڄو جسم بگڙجي ويندو آهي، ٻڌو! اهو دِڳُ دل آهي. ([1])

   هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ عُلما فرمائن ٿا: ٻانهي جا تمام ڪم ان جي دل سان وابسته (Linkup) آهن، * جيڪڏهن دل پاڪ صاف هجي * ان ۾ الله پاڪ جي محبت هجي  * الله پاڪ جي محبوب ٻانهن جي محبت هجي * دل ۾ الله پاڪ جو خوف هجي ته ٻانهي جا تمام ڪم دُرست ٿي ويندا آهن * ٻانهو گناھن کان بچڻ لڳندو آهي بلڪه گناھ ۾ پوڻ جي خوف کان شبهات کان به بچڻ لڳندو آهي ۽ * جيڪڏهن دل بگڙجي وڃي، * دل نفساني خواهشن جي پيروڪار ٿي وڃي، * ان ۾ خوفِ خُدا نه رهي ته ٻانهي جا ڪمَ بگڙجي ويندا آهن ۽ ٻانهو نفساني خواهشن جي ڄار ۾ ڦاسي ڪري گناھن ۾ مُبتلا ٿي ويندو آهي، ان ڪري چوندا آهن: دل تمام جسم جي بادشاھ آهي ۽ تمام عضوا ان جو لشڪر


 

 



[1]... بخاری، کتاب الایمان، باب فضل من استبرا، صفحہ:84-85، حدیث:52