Book Name:Mout Ki Yaad Kay Fawaid

اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط

اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط  بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ                                                              وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ

اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ                                                                           وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

دُرود شريف جي فضيلت

  حضرتِ شيخ احمد ثابِت مَغربي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مان ڀت تي ٽيڪَ لڳائي قبلي رُخ  ٿي ڪري درودِ پاڪ جي موضوع (Topic) تي مضمون لکي رهيو هيس، انهيءَ دوران مون کي ننڊ اچڻ لڳي. مون خواب ۾ ڏٺو ته مان هڪ ويران جڳھ (Deserted Place) تي آهيان جتي ڪا عمارت ناهي ڪجھ ماڻهو جامع مسجد جي دروازي تي موجود آهن ۽ باقي مسجد جي اندر، مان اندر ويس ۽ انهن جي وچ ۾ ويهي رهيس، اتي مون هڪ حَسين جميل نوجوان کي ڏٺو، جنهن جي چهري تي نيڪ بختي جا آثار ظاهر هئا.

   مون چيو: اوهان جو نالو ڇا آهي؟ ان چيو: منهنجو نالو رومان آهي، مان الله رَحمٰن جي ملائڪن مان آهيان. ان تي مون سوال ڪيو: ته پوءِ اوهان ماڻهن ۾ ڇو آيا آهيو؟ فرمايائون: هي سڀئي ماڻهو نه بلڪه ملائڪَ آهن.

   مون عرض ڪيو: حُضور هي فرمايو ته هنن ملائڪن ۾ ڪير ڪير آهن؟ فرمايائون: هنن ۾ حضرت جبرائيل عَلَيهِ السَّلَام، حضرت ميڪائيل عَلَيهِ السَّلَام، حضرت اسرافيل عَلَيهِ السَّلَام ۽ حضرتِ عزرائيل (يعني مَلڪ الموت)عَلَيهِ السَّلَام آهن. مون عرض ڪيو: مان حضرت عزرائيل عَلَيهِ السَّلَام جي زيارت ڪرڻ چاهيان ٿو. فوراً هڪ