Book Name:Israaf Kay Deeni o Dunyawi Nuqsanat
اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط
اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ
نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
حضرت ابو طلحه انصاري رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن صبح جي وقت الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي چهري تي خوشيءَ جا آثار هئا، صحابهءِ ڪرام رَضِىَ اللهُ عَنْهم ان جو سبب پڇيو ته فرمايائون: الله پاڪ پيغام موڪليو آهي: اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! اوهان جو جيڪو اُمّتي اوهان تي هڪ ڀيرو دُرودِ پاڪ پڙهندو، مان ان جي لاءِ 10 نيڪيون لکندُس، ان جا 10 گناھ مِٽائيندُس، 10 درجات بُلند فرمائيندُس ۽ اوتري ئي رحمت موڪليندُس.[1]
اُن پر دُرود جن کو کَسِ بے کَساں کہیں اُن پر سَلام جن کو خَبَر بے خَبَر کی ہے[2]
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللهُ عَلٰي مُحَمَّد
وضاحت: پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي بي سهارن جو سهارو چيو ويندو آهي، جيڪي هر بي خبر جي خبر رکڻ وارا آهن، انهن تي دُرود ۽ سلام هجن.
صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد