Book Name:Sahaba Ki Aik Khobsorat Tamanna
اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط
اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ
حضرت سَهل بن سعد رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ٻاهر تشريف وٺي آيا، هن موقعي تي حضرت ابو طلحه انصاري رَضِىَ اللهُ عَنْه اڳتي وڌي ڪري عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ! منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان، اڄ چهري مبارڪ تي خوشي جا آثار معلوم ٿي رهيا آهن. پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: بيشڪ هاڻي هاڻي جبريلِ امين عَلَيهِ السَّلَام مون وٽ آيا ۽ انهن عرض ڪيو: اي محمد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جنهن اوهان تي هڪ ڀيرو دُرودِ پاڪ پڙهيو، الله پاڪ ان جي نامهءِ اعمال ۾ 10 نيڪيون لکندو ۽ 10 گناھ مِٽائيندو ۽ 10 درجات وڌائي ڇڏيندو. [1]
اُن پر درود جن کو کَسِ بے کَساں کہیں اُن پر سَلام جن کو خَبَر بے خَبَر کی ہے([2])
وضاحت: اهي پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جن کي بي سهارن جو سهارو چيو ويندو آهي، جيڪي هر بي خبر جي خبر رکڻ وارا آهن، انهن تي دُرود ۽ سلام هجن.
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد