Book Name:Fazail e Bait ul ALLAH
اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط
اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ
نَـوَیْتُ سُنَّتَ الاعْتِکَاف
(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
حضرت سفيان ثوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مون طواف جي دوران هڪ شخص کي ڏٺو، جيڪو هر قدم تي درودِ پاڪ ئي پڙهي رهيو هو. مون ان کان پڇيو: اي ڀاء! طواف جي دوران پڙهڻ جون ٻيون به دعائون ۽ اذڪار آهن، انهن سڀني جي بدران صرف ۽ صرف درودِ پاڪ جو ئي ورد ڪري رهيو آهين، ان ۾ ڪهڙو راز آهي؟ ان جواب ڏيندي چيو: مان ۽ منهنجو والد ٻئي حج جي ارادي سان نڪتا هئاسين، رستي ۾ منهنجو والد صاحب بيمار ٿي پيو ۽ انهيءَ بيماريءَ ۾ سندن انتقال ٿي ويو، والد جي وفات جو ڏک پنهنجي جاءِ تي، پر منهنجي لاءِ تمام پريشاني واري ڳالھ هيءَ هئي جو منهنجي والد صاحب جو چهرو بلڪل ڪارو ٿي ويو، اهو ڏسي ڪري مون بابا سائين جن جو چهرو ڍڪي ڇڏيو ڏک ۾ ويهي رهيس. ويٺي ويٺي منهنجي اک لڳي وئي، مون خواب ۾ ڏٺو: هڪ نهايت ئي حسين ۽ جميل شخصيت آهن، سندن لباس نهايت صاف سٿرو هو ۽ انهن مان اهڙي خوشبو مهڪي رهي هئي جو مون ڪڏهن نه سونگهي هئي، اهي منهنجي والد صاحب جي ويجهو آيا، چادر هٽائي ۽ پنهنجو مبارڪ هٿ انهن جي چهري تي ڦيريائون.