Book Name:Madinay Ki Barkatain
اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ رَبِّ الْعٰلَمِیْنَ وَ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَامُ عَلٰی سَیِّدِ الْمُرْسَلِیْنَ ط
اَمَّا بَعْدُ فَاَعُوْذُ بِاللّٰہِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ ط بِسْمِ اللہ الرَّحْمٰنِ الرَّ حِیْم ط
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا رَسُولَ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا حَبِیْبَ اللہ
اَلصَّلٰوۃُ وَ السَّلَامُ عَلَیْكَ یَا نَبِیَّ اللہ وَعَلٰی اٰلِكَ وَ اَصْحٰبِكَ یَا نُوْرَ اللہ
شُعَبُ الۡاِيمان ۾ آهي: جيڪو ٻانهو پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! جي روضي انور تي حاضر ٿيو ۽ هي آيت تلاوت ڪئي.
اِنَّ اللّٰہَ وَ مَلٰٓئِکَتَہٗ یُصَلُّوۡنَ عَلَی النَّبِیِّ ؕ یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا صَلُّوۡا عَلَیۡہِ وَ سَلِّمُوۡا تَسۡلِیۡمًا (۵۶)
(سيپارو: 22، سورة احزاب، آيت: 56)
ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ الله ۽ ان جا ملائڪ نبي تي درود موڪلن ٿا. اي ايمان وارؤ! ان تي درود ۽ خوب سلام موڪليو.
پوءِ 70 ڀيرا درودِ پاڪ پڙهي ته هڪ ملائڪ ان کي پڪاري چوندو آهي: اي فلاڻا الله پاڪ توتي رحمتون نازل فرمائي! تنهنجي ڪا حاجت باقي نه رهي.
)شعب الایمان، ص:77(
سُبۡحٰنَ الله! ڪيتري ته شان آهي درود پاڪ جي...!! الله پاڪ اسان کي به پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پرنور روضي جي حاضري نصيب فرمائي، ڪاش! سنهري ڄارين جي سامهون، مٿو جهڪائي، هٿ ٻڌي، ادب سان، عشقِ رسول ۾ روئيندي درود پاڪ پڙهڻ جي توفيق نصيب فرمائي. جيڪڏهن اسان ڪثرت سان درود پاڪ