Imam e Hussain Ki Seerat

Book Name:Imam e Hussain Ki Seerat

امام حسين  رَضِىَ اللهُ عَنْه جو مختصر تعارف

 * سلطانِ ڪربلا، سيّدُ الشّهداء، امام عالي مقام، امام عرش مقام، حضرت سيدُنا امام حسين رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ رسول الله جا ڏوهٽا آهن * مولاءِ ڪائنات علي المرتضي ۽ حضرت سيده فاطمه زهره جا شهزاده آهن * سندن مبارڪ نالو: حسين، * ڪنيت: ابو عبدالله ۽ * لقبَ: سِبطِ رسول (يعني رسول پاڪ صَلَّى اللهُ  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا ڏوهٽا) ۽ ريحانةُ الرسول(يعني رسولِ پاڪ صَلَّى اللهُ  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جا گل) آهن * پاڻ رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي ولادت هجرت جي ڇوٿين سال 5 شعبان المعظم 4 هجري تي مدينه منوره ۾ ٿي. * حضورپرنور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سندن نالو ”حسين“  ۽ ”شبير“ رکيو ۽ سندس کي پنهنجو پٽ چيو.[1]

پيارا اسلامي ڀائرو! امام حسين رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ جي ولادت سان گڏ ئي سندن شهادت جي خبر به مشهور ٿي وئي هئي، حضرت جبرائيل اَمين بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿي ڪري خبر ڏني ته يارسول الله صَلَّى اللهُ  عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ! اوهان جي ڏوهٽي کي اوهان جي اُمّت شهيد ڪري ڇڏيندي، حضرت جبرائيل عليه السلام سندن مقامِ شهادت يعني ڪربلا جي مٽي به بارگاھِ رسالت ۾ پيش ڪئي.[2]

پيارا اسلامي ڀائرو! تقدير ۾ لکيل پورو ٿيو، امام حسين رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ پنهنجي 72 وفادار رفيقن سان گڏ، 10 محرم الحرام، سن 61 هجري تي ميدانِ ڪربلا ۾ يزيد پليت جي خلاف حق جو آواز بلند ڪندي، ناني جي دين تي پهرو ڏيندي، ظلم سهندي، ڏک ۽ غم جي جبل آڏو ثابت قدم رهي ڪري عزت سان، بهادري سان، شان و شوڪت سان شهيد ٿيا ۽ رهندي دنيا تائين جي لاءِ باطل جي خلاف بيهڻ جو، حَق تي هلڻ جو، دينداري جو، عزت سان جيئڻ، عزت سان مرڻ جو، شجاعت جو، بهادري جو، استقامت جو ۽ صبر جو سبق ڏئي ويا.

حُسَیْن ایک علامت ہے زِندگی کے لئے                                           حُسَیْن عَزْمِ سَفر ہے مُسَافری کے لئے


 

 



[1] سوانح کربلا، صفحہ:103۔

[2] سوانح کربلا، صفحہ:106۔