Book Name:Ala Hazrat Aur Aqidah Khatm e Nubuwwat
مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديث پاڪ جي شرح ۾ لکن ٿا: هي 30 ڪوڙا نبي اهي آهن جن کي ماڻهن نبي مڃي ورتو ۽ انهن جو فساد پکڙجي ويو، ٻي قِسم جي نبُوتَ جي دعويٰ ڪرڻ وارا جنهن کي ڪنهن به نه مڃيو اهي بڪواس ڪري مري ويا اهي ته گهڻا آهن.
(مفتي صاحب وڌيڪ فرمائن ٿا:) معلوم ٿيو ته خاتَمُ النَّبِيّين جي معنٰي آهي آخري نبي ڇوته ان جي زماني ۾ ۽ ان جي زماني کان بعد ڪو نبي نه بڻجي. هن معنٰي تي امّت جو اجماع (يعني اتفاق) آهي جيڪو چئي هن جي معنٰي ”آخري نبي“ ناهي بلڪه اصلي نبي آهي اهو ڪافر آهي.[1]
ايمان جي سلامتي جي فڪر نه ڪرڻ جو نقصان
معلوم ٿيو عقيده ختم نبوت تي ڌاڙو هڻڻ وارا گهڻا آهن ، انهي ڪري اسان کي گهرجي ته پنهنجي ايمان جي فڪر ڪريون. ياد رکو! هڪ انسان وٽ سڀني کان قيمتي بلڪه انمول شيءِ ايمان آهي، الله پاڪ جي رحمت سان جنهن وٽ ايمان جي دولت آهي، اهو مال جي اعتبار سان جيتوڻيڪ غريب هجي پر ايمان جي دولت سان محروم ڪروڙين، ارب پتي شخص کان به وڏو مالدار آهي، جڏهن ته اسلام جي دولت کان محروم مالدار حقيقت ۾ مفلس ۽ غريب آهي ۽ معاذالله ثُمَّ معاذالله! انهي حالت يعني ڪفر جي حالت ۾ مرڻ وارو هميشه هميشه جي لاءِ جهنم ۾ رهندو. لهٰذا هر مسلمان کي گهرجي ته هميشه ايمان جي سلامتي ۽ خاتمه بالخير جي بارگاھ ربُّ العزت ۾ دعا ڪندو رهي. هن پُرفتن دور ۾ جتي نيڪ اعمال ڪرڻ ۾ بيحد سستي اچي چڪي آهي اتي ايمان جي حفاظت جي فڪر به تمام گهٽ نظر اچي ٿي، هر ايندڙ ڏينهن نوان نوان فتنا مختلف انداز سان مسلمانن جي ايمان کي کوکلو ڪرڻ ۾ مصروف آهن. ايمان جي سلامتي جي فڪر