Book Name:Naam e Muhammad Ki Barkaat
اَلۡـحَـمۡـدُ لِـلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَ الـسَّـلَامُ عَـلٰی سَـیِّـدِ الۡـمُـرۡ سَـلِـیۡنَ
اَمَّـا بَــعۡـدُ فَـاَعُـوۡذُ بِـا لـلّٰـہِ مِـنَ الـشَّـیۡـطٰنِ الـرَّجِیۡمِؕ بِـسۡمِ الـلّٰـہِ الـرَّحۡـمٰنِ الـرَّحِـیۡمِؕ
وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه
وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه
نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَاف
(ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
حضرتِ سَيّدُنَا وَهب بن مُنَبِّه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان روايت آهي ته بَني اِسۡرائِيل ۾ هڪ اهڙو شَخۡص هو جنهن پنهنجي زِنۡدگي جا ٻه سؤ سال، الله پاڪ جي نافرماني ۾ گُذاريا، انهيءَ نافرماني جي عالَم ۾ ان جو موت واقع ٿي ويو، بَني اِسۡرائِيل وارن ان جي مُردَه جِسم کي پڪڙي گِھليندي گَندَگي جي ڍير تي اڇلائي ڇڏيو، الله پاڪ پنهنجي نبي حضرت مُوسيٰ ڪلِيمُ الله عَلَيۡهِ السَّلَام جي طرف وَحۡي موڪلي ته ان شخص کي اُتان کان کڻو ۽ ان جي تَجۡھيز ۽تڪفِين ڪري ان جي نَمازِجنازه پڙھو۔ حضرتِ مُوسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام ماڻهن کان ان جي مُتعلِّق پُڇيو، ته اُنهن ان جي بَد ڪردار هئڻ جي گواهي ڏني، حضرت مُوسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: ”يا رَبّ پاڪ! بَني اِسۡرائِيل ته ان (شخص) جي بَدڪردار هئڻ جي گواهي ڏئي رهيا آهن ته ان پنهنجي زِنۡدگي جا ٻه سؤ سال تنهنجي نافرماني ۾ گُذاريا آهن؟“ الله پاڪ حضرتِ مُوسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي طرف وَحۡي فرمائي ته هي بيشڪ بَد ڪردار هو، پر ان جي هي عادت هئي ته جڏهن به تَورات شريف پڙھڻ جي لاءِ کوليندو هو ۽ مُحَمَّد (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي مبارڪ نالي جي طرف ڏسندو هو ته ان کي چُمي ڪري پنهنجي اکين سان لڳائيندو هو ۽ اُن تي دُرُود پڙھندو هو، بس مون ان جي انهيءَ عَمل جي قَدر ڪئي ۽ ان جي گُناهن کي مُعاف فرمائي ڪري ان جو نڪاح سترّ (70) حُورن سان ڪري