Book Name:Khud Fraibi Ke Nuqsanat
اٰمَنَّا بِاللّٰهِ وَ بِالْیَوْمِ الْاٰخِرِ
ترجمو ڪنزالعرفان: ته اسان الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آندو
هي اسلامي عقيدن جا ٻه ڪنارا آهن.([1]) سڀ کان پهريون عقيدو الله پاڪ کي هڪ مڃڻ ۽ سڀ کان آخري عقيدو قيامت تي يقين رکڻ. نبين تي ايمان، فرشتن تي ايمان، الله پاڪ جي ڪتابن ۽ ٻين سڀني ضروري اسلامي عقيدن تي ايمان انهن ٻنهي ۾ اچي ويو، يعني منافقن چيو: اسان الله تي به ايمان آندو، ان جي رسولن تي، ڪتابن تي، غرض ته سڀني اسلامي عقيدن تي ايمان آندو. پر الله ڪريم فرمايو:
وَ مَا هُمْ بِمُؤْمِنِیْنَۘ(۸)
ترجمو ڪنزالعرفان: حالانڪه اهي ايمان وارا نه آهن
يعني اهي منافق چون ٿا ته اسان ايمان آندو، اسان پڪا مسلمان آهيون پر انهن جو اهو اقرار، انهن جو اهو ايمان صرف زبان جي حد تائين آهي، اهي بدبخت دل سان ڪلمو نه پڙهندا آهن.
هتي ذهن ۾ سوال اڀري ٿو ته جيڪڏهن انهن کي ايمان قبول ڪرڻو ئي نه هو، دل سان ڪلمو پڙهڻو ئي نه هو ته پوءِ زبان سان ڇو چوندا هئا؟ الله پاڪ فرمايو:
یُخٰدِعُوْنَ اللّٰهَ وَ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا ۚ
ترجمو ڪنز العرفان: اهي ماڻهو الله کي ۽ ايمان وارن کي ڌوڪوڏيڻ چاهين ٿا.
يعني اُهي زبان سان ايمان جو اظهار ڪندا آهن ته جيئن کين