Book Name:Khud Fraibi Ke Nuqsanat
مسلمان ئي سمجهيو وڃي، انهن تي اهي ئي مهربانيون ٿين جيڪي مسلمانن تي ڪيون وينديون آهن، رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صلّی اللہ ُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم انهن سان به اهڙي ئي شفقت سان پيش اچن جيئن مسلمانن سان پيش ايندا آهن، مسلمان انهن کي پنھنجو ڀاءُ سمجهن، انهن جي جان ۽ مال جي حفاظت ائين ٿئي جيئن مسلمان جي جان ۽ مال جي حفاظت ٿيندي آهي، انهن کي اهي سڀ فائدا ملن جيڪي هڪ اسلامي سلطنت ۾ هڪ مسلمان کي ملندا آهن ۽ ساڳئي ئي وقت اهي پنهجي دل ۾ ڪفر به لڪائي رکندا آهن مطلب ته اهي الله پاڪ کي ۽ اهلِ ايمان کي ڌوڪو ڏيڻ جي ڪوشش ۾ آهن. جڏهن ته حقيقت هي آهي ته:
وَ مَا یَخْدَعُوْنَ اِلَّاۤ اَنْفُسَهُمْ وَ مَا یَشْعُرُوْنَؕ(۹)
ترجمو ڪنز العرفان: جڏهن ته اهي صرف پنھنجو پاڻ کي ڌوڪو ڏئي رهيا آهن ۽ انهن کي شعور نه آهي.
الله پاڪ کي ۽ ان جي پياري محبوب صلّی اللہ ُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم کي ڀلا ڪيئن ڌوڪو ڏئي سگهجي ٿو...؟ ڌوڪو ته ان کي ڏئي سگهجي ٿو جنهن کان ڪجهه لڪل هجي جڏهن ته * الله پاڪ علّامُ الْغَیُوب (غيبن کي ڄاڻڻ وارو) آهي، هو سڀ لڪيل ڳالهيون ڄاڻي ٿو * دلين جي حال کان به چڱي طرح واقف آهي * ڪائنات جي وسعتن ۾ هڪ ذرو به اهڙو ناهي جيڪو ربِ قدير کان لڪي سگهي، تنهنڪري الله پاڪ کي هرگز هرگز ڌوڪو ڏئي نه ٿو سگهجي ائين ئي الله پاڪ جا محبوب نبي، رسولِ هاشمي صلّی اللہ ُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم