Book Name:Deeni Kitab Padha Kijiye
اَلۡـحَـمۡـدُ لِـلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَ الـسَّـلَامُ عَلٰی خَاتَمِ النَّبِیّٖن ط
اَمَّـا بَــعۡـدُ فَـاَعُـوۡذُ بِـا لـلّٰـہِ مِـنَ الـشَّـیۡـطٰنِ الـرَّجِیۡمِ ط بِـسۡمِ الـلّٰـہِ الـرَّحۡـمٰنِ الـرَّحِـیۡمِ ط
وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه
وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه
نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
نبيءِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي: جمع جي رات ۽ جمع جي ڏينهن (يعني خميس جي ڏينهن سج لهڻ کان وٺي جمع جي ڏينهن سج لهڻ تائين) منهنجي مٿان درود پاڪ پڙهڻ جي ڪثرت ڪيو! جيڪو ايئن ڪندو قيامت جي ڏينهن مان ان جي شاهدي ڏيندس ۽ ان جي شفاعت به ڪندس.([1])
تمنّا ہے فرمائیے روزِ محشر یہ تیری رہائی کی چٹھی ملی ہے
شفاعت کرے حشر میں جو رضؔا کی سوا تیرے کس کو یہ قُدْرت ملی ہے ([2])
وضاحت: منهنجي تمنا آهي ته سڀاڻي قيامت جي ڏينهن، جڏهن هر ڪو پنهنجي جان جي فڪر ۾ هوندو، اُن وقت منهنجا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي فرمائن ته: اي رضا! هيڏانهن اچ، تنهنجي رهائي جي چٺي اسان وٽ موجود آهي. اي منهنجا پيارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڀلا اوهان کانسواءِ الله پاڪ ڪنهن کي اها طاقت عطا ڪئي آهي جو محشر جي ميدان ۾ رضا جي شفاعت ڪرائي سگهي؟