Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain
جي مَدَني ماحول جون بَرَڪتون ٻڌائيندو ۽ مون کي به ماحول اپنائڻ جي ترغيب ڏيندو هو۔ آئون ان جي محبت ڀري مَدَني انداز کان متاثر ته گھڻو هئس، پر ڊگھي عرصي تائين ڪا پيش قدمي نه ڪري سگھيس۔ آخرڪار مون انهن جي انفرادي ڪوشش جي بَرَڪت سان مسجد ۾ نمازِ عشاء کان بعد لڳندڙ مدرسة المدينہ (بالغان) ۾ شرڪت ڪرڻ لڳس۔ آئون جسماني طور تي ڪمزور ہئڻ جي سبب پنهنجي اصل عمر کان تمام ننڍو ڏسڻ ۾ ايندو هئس، تنهنڪري مون کي الڳ سان ويهاري ڪري پڙهايو ويندو هو۔ انهيءَ جي ڪري هڪ ڀيري مون کي مدرسي ۾ پڙھائڻ کان معذرت به ڪئي وئي۔ ڇو جو اتي وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن جي ترڪيب هئي۔ پر مون همت نه هاري ۽ ٻيهر داخلي جي ڪوشش ڪندو رهيس. منهنجي جذبي کي ڏسندي مون کي ٻيهر داخلا ڏني وئي۔ آئون عاشقانِ رسول جي صحبت ۾ دُرُست قرآن پڙهڻ سکي ويس۔ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول جي برڪت سان باجماعت نماز پڙهڻ سان گڏوگڏ سنّتن تي عمل جو جذبو به مليو۔ جلد ئي آئون شيخِ طريقت، اميرِ اَہلسنت بانيِ دعوتِ اسلامي حضرت علامہ مولانا محمد الياس عطار قادِري رضوي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي ذريعي مريد ٿي ڪري ''عطاري'' بڻجي ويس۔ آئون ڪم و بيش 8 سال مدرسةالمدينہ (بالغان) ۾ قرآن ڪريم صحيح مخارج سان پڙهائڻ جي سعادت حاصل ڪندو رهيس۔ انهي دوران مون دعوتِ اسلامي جي زيرِ انتظام ٿيڻ واري اجتماعي اعتڪاف ۾ به شرڪت سان مزيد نيڪين جي رغبت حاصل ڪئي۔ مون 1996ع ۾ درسِ نظامي ڪرڻ شروع ڪئي۔ اَلْحَمْدُلِلّٰہ عَزَّوَجَلَّ