Tilawat e Quran ki Barkatain

Book Name:Tilawat e Quran ki Barkatain

2003ع ۾ فارغ التحصيل ٿيس۔ انهي دوران فتويٰ نويسي جي به تربيت وٺي چڪو هئس۔ پير و مرشد جي شفقت سان مجلس تحقيقاتِ شرعيہ جي رُڪن جي حيثيت سان پنهنجا فرائض انجام ڏيڻ سان گڏ دارالافتاء اہلسنّت ۾ هي تحرير لکڻ وقت بطورِ مُفتي و مُصَدِّق خدمتِ افتاء جي سعادت حاصل آهي۔

مقبول جہاں بھرمیں ہو دعوتِ اسلامی

صدقہ تجھے اے ربِّ غفار مدینے کا

اللهعَزَّوَجَلَّجي امير اهلسنت تي رحمت هجي ۽ انهن جي صدقي اسان جي مغفرت ٿئي۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته مدرسة المدينہ (بالغان) پڙهائيندي پڙهائيندي توجہِ مُرشِد جي برڪت سان ڪاليج ۾ پڙھڻ وارو اسلامي ڀاءُ مفتي و مصدِّق بڻجي ويو۔ اَلْحَمْدُلِلّٰہ عَزَّوَجَلَّ! تبليغِ قرآن وسنّت جي عالمگير غيرسياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جي تحت قرآنِ پاڪ جي تعليمات کي عام ڪرڻ جي لاءِ مختلف مسجدن وغيرہ ۾ عُمُومًا بعد نمازِ عشاء ہزارين مدرسةالمدينہ بالغان جي ترڪيب ٿيندي آهي۔ جن ۾ وڏي عمر جا اسلامي ڀائر صحيح مخارج سان حروف جي درست ادائيگي سان گڏ قرآن ڪريم سکندا، دُعائون ياد ڪندا، نمازون وغيرہ درست ڪندا ۽ سُنّتن جي تعليم مفت حاصل ڪندا آهن۔ توهان به ان مدارس المدينہ (بالغان) ۾ پڙهڻ يا پرھائڻ جي نيت ڪري وٺو.

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد