Book Name:Aashiqon ka Hajj

یادِ نبیِّ پاک میں روئے جو عمر بھر

مولیٰ مجھے تلاش اُسی چشمِ تر کی ہے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو؟ ته اسان جا اسلاف جڏهن حج جي سفر تي روانه ٿيندا هئا ته هر وقت ذڪرُالله ۽ تلاوتِ قرآن ۾ مشغول رهندا هئا، خوفِ خدا ۾ لڙڪ وهائيندا هئا، پنهنجي رفيقن جي خوب خيرخواهي فرمائيندا هئا. انهن جي حسنِ اخلاق ۽ عادت ۽ ڪردار کان متاثر ٿي انهن سان گڏ سفر ڪرڻ وارا به انهن جي رنگ ۾ رنگجي ويندا هئا. هن حڪايت مان اهو به معلوم ٿيو ته اسان جا اسلاف جڏهن ڪنهن سفر تي ويندا هئا، ايستائين جو حج جهڙي مبارڪ ۽ مقدس سفر تي به ويندا هئا تڏهن به انهن کي آخرت جو سفر ياد اچي ويندو هو ۽ آخرت جي فڪر ۾ ايتري قدر لڙڪ وهائيندا هئا جو ڏاڙهي مبارڪ لڙڪن سان تَر ٿي ويندي هئي.

جڏهن ته هڪ طرف اسان آهيون جو آخرت جي سفر جي باري ۾ سوچڻ ته پري جي ڳالھ آهي ڄڻ ته اسان دنيا ۾ هميشه رهڻ ۽ ان جي رنگينين ۾ بدمست رهڻ کي ئي حياتي جو مقصد سمجھي ورتو آهي. حالانڪه عقلمند اهو ئي آهي جيڪو دنيا جي هر هر عمل تي آخرت جو فڪر ڪندو رهي، رات جو جڏهن سمهڻ لڳي ته قبر ۾ سمهڻ کي ياد ڪري ته اُتي نرم ۽ ملائم بسترو نه هوندو بلڪه سخت زمين منهنجو بسترو هوندي، جڏهن ٿڌو ۽ مٺو پاڻي پنهنجي نڙي مان لاهي ته محشر جي اُڃ کي ياد ڪري ته ان ڏينهن نڙيون خشڪ ۽ زبانون سُڪي ڪانڊارجي وينديون.