Book Name:Aashiqon ka Hajj

پنهنجي زبان سان بنا ضرورت جي حاجي چوندا آهن ۽ پنهنجي قلم سان لکندا آهن، توهان شايد سوچ ۾ پئجي ويا هوندؤ ته آخر ان ۾ ڪهڙو حرج آهي؟ ها! واقعي اُن صورت ۾ ڪو حرج ناهي ته ماڻهو توهان کي پنهنجي مرضي سان حاجي صاحب چئي سڏ ڪن، پر ٿورو سوچيو! پنهنجي زبان سان پنهنجو پاڻ کي حاجي چوڻ، پنهنجي عبادت جو پنهنجو پاڻ اعلان ڪرڻ ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟

ان کي هن مثال مان سمجهڻ جي ڪوشش ڪيو: ٽرين ڇَڪ ڇَڪ ڪندي پنهنجي منزل ڏانهن وڃي رهي هئي ٻه شخص گڏ ويٺا هئا. هڪ گفتگو جي شروعات ڪندي پُڇيو: سائين توهان جو نالو ڇا آهي؟ ٻئي جواب ڏنو: ”حاجي شفيق“ ۽ توهان جو مبارڪ نالو؟ هاڻي ٻئي سوال ڪيو، ته پهرين شخص جواب ڏنو: ”نمازي رفيق“ حاجي صاحب کي ڏاڍي حيرت ٿي، پُڇيائين: سائين نمازي رفيق! اهو نالو ته ڏاڍو عجيب ٿو لڳي. ”نمازي صاحب“ پُڇيو: ٻڌايو توهان ڪيترا ڀيرا حج جو شرف حاصل ڪيو آهي؟ حاجي صاحب چيو: اَلحَمدُلله عَزَّوَجَلَّ گذريل سال ئي ته حج تي ويو هئس. نمازي صاحب چوڻ لڳو: توهان زندگي ۾ صرف هڪ ڀيرو حجِ بيتُ الله جي سعادت حاصل ڪئي آهي ته علي الاعلان پنهنجو پاڻ کي ”حاجي“ چوڻ چورائڻ لڳا آهيو ۽ هي عاجز ته سالن کان روزانو پنج (5) وقت پابنديءَ سان نماز ادا ڪندو آهي ته پوءِ پنهنجو پاڻ کي جيڪڏهن ”نمازي“ چوَرائي ته ان ۾ تَعَجُّب جي ڪهڙي ڳالهه آهي!