Book Name:Aashiqon ka Hajj

آهي، جيئن ته حضرت سيّدُنا سفيان ثوري عَـلَـیۡهِ رَحۡـمَةُ الـلّٰـهِ الۡـقوي حج جي لاءِ بصره کان پيادل نڪتا. ڪنهن عرض ڪيو: توهان سوار ڇو نه ٿا ٿيو؟ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمايو: ڇا ڀڄي ويل غلام کي پنهنجي مولا عَزَّوَجَلَّ جي درٻار ۾ صلح جي لاءِ سواري تي وڃڻ گهرجي؟ مان انهيءَ مقدّس سر زمين ڏانهن ويندي تمام گهڻو شرم محسوس ڪيان ٿو.

(تنبيه المغترين ص 267)

ارے زائرِ مدینہ! تُو خوشی سے ہنس رہا ہے
دلِ غَمزَدہ جو پاتا تو کچھ اور بات ہوتی

(وسائلِ بخشش،ص۳۸۵)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غالبًا نماز روزي جي مقابلي ۾ حج ۾ وڌيڪ بلڪ قدم قدم تي رياڪاري جا خطرا پيش ايندا آهن، حج هڪ اهڙي عبادت آهي جيڪا علي الاعلان ڪئي ويندي آهي ۽ ٻيو ته هر هڪ کي نصيب ناهي ٿيندي، انهيءَ ڪري ماڻهو حاجيءَ سان عاجزي سان ملندا آهن، خوب اِحترام ڪندا، هٿ چمندا، هار پارائيندا ۽ دعائن جي درخواست ڪندا آهن۔ اهڙي موقعي تي حاجي سخت امتحان ۾ پئجي ويندو آهي ڇوته ماڻهن جي عقيدت ڀرئي سلوڪ ۾ ڪجهه اهڙي ”لذت“ هوندي آهي جو انهيءَ سبب عبادت جي وڏي کان وڏي تڪليف به ننڍي محسوس ٿيندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو حبِّ جاه ۽ رياڪاري جي تباهين جي گهري کڏ ۾ ڪِري چڪو هوندو آهي پر ان کي خبر ئي نه پوندي آهي! (رفيق الحرمين، ص۵۶) اهڙي طرح ڪي مالدار هر هر حج ۽ عمري تي ويندا آهن، انهن جي ڳڻپ خوب ياد رکندا آهن،