Book Name:Aashiqon ka Hajj

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ ڪلھ عجيب تماشو آهي، ڏيکاءَ ۽ نمائش جي انتها ٿي وئي آهي، حاجي صاحب حج لاءِ ويندا يا ايندا آهن ته بغير سٺي نيت جي سڄي عمارت کي ننڍن بلبن سان سينگاريو ويندو آهي ۽ گهر تي ”حج مبارڪ“ جو بورڊ لڳايو ويندو آهي بلڪ توبهه! توبهه! ڪيئي حاجي ته اِحرام سان خوب تصويرون ڪڍرائيندا آهن. آخر اهو ڇا آهي؟ ڇا ڀڄي ويل مُجۡرِم جو پنهنجي رحمت واري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاهه ۾ اهڙي طرح ڌام ڌوم سان وڃڻ مناسب آهي؟ نه هرگز نه بلڪه روئيندي ۽ آهون ڀريندي، ڊڄندي، ڏڪندي وڃڻ گهرجي۔

(رفيق الحرمين،ص ۴۹)

آنسوؤں کی لڑی بن رہی ہو

 

اور آہوں سے پھٹتا ہو سینہ

وِردِ لَب ہو ’’مدینہ مدینہ‘‘

 

جب چلے سُوئے طیبہ سفینہ

جب مدینے میں ہو اپنی آمد

 

جب میں دیکھوں تِرا سبزگنبد

ہِچکیاں باندھ کر روؤں بے حد

 

کاش! آجائے ایسا قرینہ

(وسائلِ بخشش،ص:۱۸۸)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اهي ماڻهو جيڪي بغير سٺي نيت جي صرف نفس جي لذت ۽ حُبِّ جاه جي سبب پنهنجي گھر تي حج مبارڪ جو بورڊ لڳائيندا آهن ۽ پنهنجي حج جو خوب چرچو ڪندا آهن، انهن جي لاءِ هڪ ڪمال درجي جي عاجزي تي مشتمل حڪايت پيشِ خدمت