Book Name:Aashiqon ka Hajj

دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل616 صفحن تي مشتمل ڪتابنيڪي جي دعوت (حصو پهريون)“ جي صفحي 79 تي فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي: بيشڪ جهنم ۾ هڪ وادي آهي جنهن کان جهنم روزانو چار سؤ ڀيرا پناهه گھري ٿو، الله عَزَّوَجَلَّ هي وادي امتِ محمديه علٰي صاحبِها الـصَّلٰوة ُوَالـسَّلَام جي ان رياڪارن جي لاءِ تيار ڪئي آهي جيڪي قرآن جا حافظ، غير الله جي لاءِ صدقو ڪرڻ وارا، الله عَزَّوَجَلَّ جي گھر جا حاجي، ۽ راههِ خدا ۾ نڪرڻ وارا هوندا.

(المعجم الڪبير ج 12 ص 136 حديث 12803، از رفيق الحرمين ، ص۵۶)

میرا ہر عمل بس ترے واسطے ہو

کر اِخْلاص ایسا عطا یاالٰہی!

(وسائلِ بخشش،ص:۱۰۵)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حرمين طَیِّبَیۡن جي حاضري مقدر جي ڳالھ آهي. ڪيترائي مالدار اهڙا آهن جيڪي طيبه جي مٽي چمڻ جي خواهش ۾ بيقرار هوندا آهن پر وڃي نه سگھندا آهن ۽ ڪيترائي غريب ۽ نادار اهڙا آهن جن وٽ وڃڻ جا ظاهري طور تي اسباب نه هوندا آهن پر ڏسندي ئي ڏسندي اهي خوش نصيب ماڻهو مڪهء مڪرمه، مدينهء منوره زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًا وَّ تَعۡظِیۡمًا جي زيارت سان مشرف ٿي ويندا آهن.

علامه ابنِ جوزي عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الـلّٰـهِ الۡـقَـوِی حج ۽ مديني جي زيارت ۾ تڙپڻ واري هڪ شخص جو واقعو نقل فرمائن ٿا: ”آئون مسلسل ٽن (3) سالن کان حج جي دعا ڪري رهيو هوس پر منهنجي هي حسرت دل ۾ ئي رهي.“