Book Name:Aashiqon ka Hajj

ڪيئي ڀيرا ضرورت کان سواءِ بنا پڇڻ جي ماڻهن کي پنهنجي حج ۽ عمري جو تعداد ٻڌائيندا ۽ مديني جي سفر جا ڪارناما ٻڌائيندا آهن۔ انهن کي احساس ئي ناهي ٿيندو ته هو ڪٿي رياڪاري (ڏيکاءُ) جي تباهي ۾ نه وڃي پون۔

(عاشقانِ رسول جون 130 حڪايتون،ص۱۰۸)

مشهور مُحَدِّث حضرت سيدنا سفيان ثوري عَلَيْهِ رَحمَةُ اللهِ القوي هڪ هنڌ دعوت تي هئا، ته ميزبان پنهنجي خادم کي چيو: انهن ٿانون ۾ ماني کارايو جيڪي مان ٻئي دفعي حج تان آندا آهن سيدنا سفيان ثوري عَلَيْهِ رَحمَةُ اللهِ القوي اهو ٻڌي فرمايو: مسڪين! تون هڪ جملي ۾ ٻه حجّ ضايع ڪري ڇڏيا!

(احسن الوعا لآداب الدعا ص 157)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان ڪنهن جي گھر تي ”حج مبارڪ“ جو بورڊ لڳل ڏسون يا ڪو پنهنجي نالي سان گڏ حاجي لکندو هجي ته اسان کي هرگز اها بدگماني نه ڪرڻ گھرجي ته هي شخص رياڪار آهي. ياد رکو! پنهنجي حج يا عُمرن جو تعداد بيان ڪرڻ هر صورت ۾ گناھ ناهي، حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَات يعني عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. (بخاري ج ۱ ص ۲حديث ۱)

جيڪڏهن ڪو تحديثِ نعمت (يعني پنهنجي مٿان رحمتِ الٰهي جي خبر ڏيڻ) جي لاءِ پنهنجي حجن جو تعداد بيان ڪري ته حرج ناهي، پر علمِ دين ۽ صحبتِ اخيار (نيڪ ماڻهن جي صحبت) جي ڪمي جي باعث في زمانه نيت جي اصلاح بيحد دشوار ۽ رياڪاري جو خطرو شديد آهي. خدا جو قسم! رياڪاري جو عذاب ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ٿي سگھندو.