Book Name:Aashiqon ka Hajj

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! مڪہء مُڪَرَّمہ ۽ مدينہء مُنوَّرہ زَادَهااللّٰه شَرَفًا وَّ تَعْظِیْمًا جي حاضري جي سعادت ماڻڻ اهڙو انمول موقعو آهي جيڪو نصيب وارن کي ئي ملندو آهي، ان تي جيترو شڪر ڪيو وڃي گهٽ آهي. جڏهن ڪنهن کي هي سفر نصيب ٿئي ته اهو پنهنجي خوش نصيبي تي شڪر ڪندي، گناهن کي ياد ڪندي ۽ خوفِ خدا کان ڏڪندي ان اُميد تي سفر ڪرڻ گھرجي ته حرمين طيبين جي مقدس فضائن ۾ وينداسين ۽ اتي هر وقت ٿيڻ وارين رحمتن ۾ مزو ماڻينداسين، گناهن کي بخشرائينداسين ۽ پنهنجي ڪاريءَ دل کي صاف ڪنداسين.

میں کرکے سِتَم اپنی جاں پر قرآن سے جَآءُوْک سُن کر

آیا ہوں بہت شَرمندہ سا سرکار توجہ فرمائیں

ياد رکو! جڏهن اسان ان سُٺين سُٺين نيتن سان سفر ڪنداسين ۽ هر مقدس مقام تي پنهنجي گناهن جي سبب شرمنده ٿيندي توبھ ڪنداسين ته الله عَزَّوَجَلَّ جي رحمت سان اسان جا گناھ ضرور معاف ٿي ويندا. پر افسوس! في زمانه هڪ تعداد آهي جيڪا ان مقدس سفر کي ٻين عام سفرن وانگر سمجھندي آهي. انهن جي انداز مان ايئن لڳندو آهي جيئن مَعَاذَاللہ عَزَّوَجَلَّ اتي به پڪنڪ ملهائڻ آيا آهن. اهو ئي شور شرابو، کِل مذاق جاري رهندي آهي. هئڻ ته ايئن گھرجي ته جنهن خوشنصيب کي اهو موقعو ميسّر اچي ته ان کي پنهنجي سعادتن جي معراج ڄاڻيندي ان جي مقصد کي سمجھندي ان جي حد درجه تعظيم ڪري. ان سفر جي عظمت ۽ اهميت بيان ڪندي اعليٰ حضرت، امام اهلسنت، مُجَدّد دين ۽ ملت مولانا شاهه امام احمد رضا خان عَـلَيْهِ رَحْمَةُ الـرَّحْمٰن ارشاد فرمائن ٿا.