Book Name:Aashiqon ka Hajj

حضرت سيدنا مُخَــوَّل رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا؛ حضرت سيدنا بُهَيم عِجلي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه مون کي فرمايو ته منهنجو حج جو ارادو آهي، ان ڪري ڪنهن کي منهنجو رفيقِ سفر بڻايو۔ پوءِ مون هڪ پاڙيسري کي ان سان گڏ سفرِ مدينه تي راضي ڪيو، ٻئي ڏينهن منهنجو پاڙيسري مون وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو؛ مان حضرت سيدنا بُهَيم سان گڏ نه ٿو وڃي سگهان۔ مون حيرت وچان چيو؛ ”خدا جو قسم! مون سڄي ڪوفي ۾ ان جهڙو بااخلاق ماڻهو ناهي ڏٺو، آخر ڪهڙو سبب آهي جو تون ان جي ساٿ کان پاڻ کي محروم ڪري رهيو آهين؟ هو چوڻ لڳو؛ مون ٻڌو آهي ته هو سدائين روئيندو رهندو آهي، ان ڪري ان سان منهنجو سفر خوشگوار نه گذرندو۔

مون ان کي سمجهايو ته هو تمام سٺو بزرگ يهن ۽ ان جي صحبت اِنشآءَالله عَزَّوَجَلَّ تو کي فائدو ڏيندي ته هو راضي ٿي ويو۔ جڏهن سفر جي لاءِ اُٺن تي سامان رکيو پئي ويو ته حضرت سيدنا بُهَيم عِجلي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هڪ ڀت جي ويجهو ويهي روئڻ لڳا ايتري تائين جو سندن ڏاڙهي مبارڪ ۽ سينو ڳوڙهن سان آلو ٿي ويو ۽ ڳوڙها زمين تي ٽپ ٽپ ڪري ڪرڻ لڳا۔ منهنجي پاڙيسري گھٻرائجي مون کي چيو؛ اڃا ته سفر جي شروعات ٿي آهي ۽ انهن جو اهو حال آهي، خدا ڄاڻي ته اڳتي ڇا حالت ٿيندي؟ مون انفرادي ڪوشش ڪندي چيو ته گھٻراء نه، اهو ته سفر جو معاملو آهي ٿي سگهي ٿو ته ٻار ٻچن جي جدائي ۾ روئي رهيا هجن اڳتي هلي قرار اچي ويندو۔

حضرت سيدنا بُهَيم عجلي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن اها ڳالهه ٻڌي ورتي ۽ فرمايائون ته الله جو قسم! اهڙي ڳالهه ناهي۔ هن سفر جي ڪري مون کي ”آخرت جو سفر ياد اچي ويو“۔ اهو فرمائيندي رڙيون ڪري روئڻ لڳا۔