Book Name:Aashiqon ka Hajj

ہاں ہاں رہِ مدینہ ہے غافل ذَرا تو جاگ

او پاؤں رکھنے والے یہ جا چشم و سَر کی ہے

(حدائق بخشش ص۲۱۸)

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي گهرجي ته جڏهن ان مبارڪ سفر تي وڃڻ جي سعادت نصيب ٿئي ته ان جي تعظيم بجا آڻيندي، ان ڳالھ جو خاص خيال رکيو وڃي ته ڪا اهڙي ڳالھ سرزَد نه ٿئي جنهن جي سبب سڄو سفر بيڪار ٿي وڃي. ڪجھ نادان ماڻهو انهن مقدس مقامن تي به مذاق مسخري کان باز نه ايندا آهن، سڄي جهان جي ڳالهين ۾ مشغول ٿي ان جو تقدس پامال ڪندي ڏٺا ويندا آهن. ڪجھ ماڻهو اتي به موبائل فون جو بِلا ضرورت استعمال ڪندا آهن، ڪجھ نادان ان مقدس مقامن تي پنهنجون تصويرون پاڻ ئي بڻائي پنهنجو وقت ضايع ڪندا آهن ۽ ٻين جي لاءِ تشويش جو سبب ٿيندا آهن. نه ڄاڻ اهڙن ماڻهن جي انهن حرڪتن سان ڪيترن جا حج ۽ عمره خراب ٿيندا آهن ۽ انهن جي ذوق ۽ شوق ۾ خلل پيدا ٿيندو آهي.

جيڪڏهن اسان اولياءِ ڪاملين ۽ بزرگانِ دين رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ الْـمُبِیْن جي سفرِ حرمين جي واقعن جو مطالعو ڪريون ته اسان کي معلوم ٿيندو ته هي حضرات نهايت ادب ۽ تعظيم سان گڏ سفرِ حج تي روانا ٿيندا هئا، الله عَزَّوَجَلَّ کان روئي روئي ڪري مناجات ڪندا هئا، پنهنجي گناهن جي معافي گھُرندا هئا، عاجزي ۽ انڪساري اپنائيندا هئا، خوفِ خدا ۽ عشقِ رسول سان سرشار ٿي ڪجھ ان طرح سفرِ مدينه جي لاءِ روانه ٿيندا هئا جو انهن جي صحبت جي برڪت سان ٻيا ماڻهو به انهن جي رنگ ۾ رنگجي ويندا هئا. اچو ته! هڪ نهايت ايمان افراز حڪايت ٻڌون ٿا. جيئن ته