Book Name:Jhoot ki Tabah kariyan

هيڏانهن اچ پُٽ! شيء وٺ، پوءِ هلي وڃجان، (جڏهن ته ڪجھ ڏيڻو ئي ناهي هوندو) يا ننڍڙي ٻار کي بهلائڻ جي لاءِ هي چوڻ، ته پُٽ چُپ ٿي وڃ، اسان توکي رانديڪا آڻي ڏينداسين. (جڏهن ته اهڙو اِرادو ئي ناهي ہوندو) اهڙي طرح ڳالھ نه مڃڻ تي ان کي ڊيڄارڻ جي لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ، جيئن هن طرح چوڻ ته جلدي سُمهه نه ته ٻلي يا ڪتّو اچي ويندو وغيرہ وغيرہ۔ ياد رکو! هن طرح جا تمام جُملا ڪوڙ ۾ شامل آهن ۽ چوڻ وارو جتي خود ڪوڙ جي سَبَب سَخت گنهگار ٿي رہيو ہوندو آهي، اُتي اِن ڪوڙي جُملن سان ٻار جي اَخلاقي تَربِيت تي به وڏو اَثَر پوندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اهو ننڍپڻ کان ئي سچ ٻُڌڻ ۽ سچ ڳالهائڻ کان مَحروم ٿي ڪري ڪوڙ ٻُڌڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جو عادي بڻجي ويندو آهي۔ اهڙي ماحول ۾ پَروَرِش حاصل ڪرڻ وارو ٻار جيئن ئي ٿورو سمجھدار ٿيندو آهي، ڳالھ ڳالھ تي ڪوڙ ڳالهائڻ لڳندو آهي، تنهنڪري اسان کي پنهنجي ٻارن سان به ڪوڙ نه ڳالهائڻ گھرجي۔

حضرتِ سَيدُناعبدالله بن عامِر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي: مُصطَفٰي جانِ رَحمت، شمعِ بزمِ ہدايت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان جي مَڪان ۾ تشريف فرما ٿيا۔ منهنجي ماءُ مون کي گھُرايو ته اچ! تو کي ڪا شيء ڏيندس۔ حُضُور (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جن فرمايو: ڪهڙي شيء ڏيڻ جو اِرادو آهي؟ اُنهن عَرض ڪيو: کَجور ڏيندس۔ اِرشاد فرمايو: جيڪڏهن تون ڪجھ نه ڏين ها ته تنهنجي ذِمّي ڪوڙ لِکيو وڃي ها۔ (سُنَنِ ابوداوٗد:۴/۳۸۷،حدیث ۴۹۹۱)

سچّی بات سِکھاتے یہ ہیں

 

سِیدھی راہ چَلاتے یہ ہیں

اپنی بنی ہم آپ بگاڑیں

 

کون بنائے بناتے یہ ہیں