Book Name:Jhoot ki Tabah kariyan
جيڪي بطور ڊسپِنسَر (Dispenser)، يا ڪنهن ڪلينڪ (Clinic) ۾ بطور هيلپر (Helper يعني مُعاوِن) جو ڪم ڪري چڪا ہجن ته اهي به پنهنجي پاڻ کي نه صرف ”ڊاڪٽر(Doctor)‘‘ سڏرائيندي نظر ايندا آهن بلڪه پنهنجي لاءِ ’’ڊاڪٽر‘‘ جو لَفظ سڏرائڻ پسند به ڪندا آهن، جڏهن ته ’’ڊاڪٽر‘‘ جو لَفظ هڪ خاص ڊگري جي نِشاندهي ڪري ٿو ۽ ان کي اهو شَخص اِستِعمال ڪري سگھي ٿو جيڪو ان جو اَہل به ہجي۔ اِن کان عِلاوه ڪنهن ٻئي شخص جو ان لفظ کي اِسۡتِعۡمال ڪرڻ قانونًا جُرم ۽ شَرعًا ڪوڙ چيو ويندو۔ اِهڙي طرح ڪجھ ماڻهن کي جڏهن ڪجھ جڙي ٻوٽين جي معلومات ٿي وڃي يا عِلمِ طِب جا ڪجھ نُسخا معلوم ٿي وڃن ته اهي به پنهنجي نالي سان گڏ ”حڪيم صاحب“ سڏرائڻ ۽ لکرائڻ ۾ وڏو فخر محسوس ڪندا آهن۔ جڏهن ته هي سَراسَر ڪوڙ ۽ ڌوڪو آهي۔ اهڙي طرح ڪوڙ جو بازار ايتري قَدر گرم آهي جو ڪجھ علم کان خالي ماڻهو به عُلَماء جي صَف ۾ بيهڻ کان پاسو نه ٿا ڪن۔ اسان وٽ لفظِ ”مولانا“ دِين جو علم رکڻ واري جي لاءِ ڳالهايو ويندو آهي، پر ڏٺو ويو آهي ته بلڪل جاہِل ماڻهو به صرف انهي لفظ کي نه بلڪه ان کان وڌائي ڪري ”عَلَّامَہ وفَہَّامَہ“ (تمام گھڻو علم رکڻ وارو، وڏي سمجھ رکڻ وارو) وغيرہ جهڙا لفظ پنهنجي لاءِ اِستِعمال ڪرڻ ۾ ٿورو به عار محسوس ناهن ڪندا۔ جڏهن ته ايئن ڪرڻ سَراسَر ڪوڙ ۽ سخت وبال آهي۔
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
غير سَيدجوسادات بنجڻ