Book Name:Jhoot ki Tabah kariyan
واسطو ڏئي ڪري چوان ٿو ته جنهن اها ڳالهه ٻولهه ٻُڌي هئي اُهو گواهي ڏي، هڪ ٻئي قيديءَ اُٿي ڪري چيو: ها اِهو واقعو منهنجي سامهون پيش آيو هو، حجاج چيو: پهرين قيدي کي آزاد ڪري ڇڏيو، پوءِ گواهي ڏيڻ واري کان پڇيو: توکي ڪهڙي رڪاوٽ هئي جو تو اُن قيدي وانگر منهنجو دفاع (يعني بچاءُ) نه ڪيو؟ اُن سچائي کان ڪم وٺندي چيو: رڪاوٽ اِها هئي جو منهنجي دل ۾ تنهنجي پراڻي دشمني هئي، حجاج چيو: هِن کي به آزاد ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته هِن وڏي همت سان سچ ڳالهايو آهي۔
(وَفیات الاَعْیان لابن خلکان:۲/۲۸،ازڪوڙو چور 17)
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته سچ ڳالهائڻ وارو هميشه ڪامياب ٿيندو آهي ڇو ته “سانچ کو آنچ نهیں” يعني سچ ڳالهائڻ واري کي ڪو خطرو ناهي، اهو سراسر فائدي ۾ ئي آهي. پر افسوس! صد افسوس! اڄ اسان جي معاشري ۾ ڪوڙ هڪ وبائي مرض جي صورت اختيار ڪري ويو آهي. مرد هجي يا عورت، ننڍو هجي يا وڏو، امير هجي يا غريب، وزير هجي يا ان جو مشير، آفيسر هجي يا چوڪيدار، الغرض! معاشري جو تقريبًا هر فرد ان مرض جو مريض نظر اچي ٿو. بدقسمتي سان اڄڪلھ اهڙن موقعن تي ڪوڙ جو سهارو ورتو ويندو آهي، جتي سچ ڳالهائڻ جي صورت ۾ به ڪو دُنيوي نقصان ناهي هوندو.
ٻارن سان ڪوڙ ڳالهائڻ
هن صُورت هيءَ به آهي ته والِدَين جو پنهنجي ننڍي عُمر واري ٻار سان ڪوڙ ڳالهائڻ۔ عام طور تي ڏٺو ويو آهي ته والِدَين ننڍن ٻارن کان پنهنجي ڳالھ مَڃرائڻ جي لاءِ ڪيترن ئي قِسمن جا ڪوڙ ڳالهائيندا آهن۔ جيئن