Book Name:Jhoot ki Tabah kariyan

لهجو اختيار ڪيو۔ اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ ثواب حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻنهي وٽ توهان معزز رهندؤ ]3[ وڏي آواز سان ڳالهائڻ جيئن اڄڪلهه دوست پاڻ ۾ بي تڪلفي سان ڳالهائيندا آهن، اهو سنّت نه آهي ]4[ کڻي هڪ ڏينهن جو ٻار هجي سٺين سٺين نيتن سان ان سان به اوهان توهان سان گفتگو ڪرڻ جي عادت بڻايو، اوهان جا اخلاق به اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ عُمدا ٿيندا ۽ ٻار به ادب سکندو ]5[ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ وقت پردي جي جاءِ تي هٿ لڳائڻ، آڱرين سان بدن تان مير لاهڻ، ٻين جي سامهون بار بار نڪ کي هٿ لڳائڻ، يا نڪ يا ڪن ۾ آڱر وجهڻ، ٿُڪ اڇلائڻ سٺي ڳالهه ناهي، ان سان ٻين کي ڪراهت محسوس ٿيندي آهي ]6[ جيستائين ٻيو ڳالهائي رهيو هجي ته اطمينان سان ٻُڌو، ان جي ڳالهه ڪٽي پنهنجي ڳالهه شروع ڪرڻ سنّت ناهي ]7[ ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪجي ته ان جو ڪو صحيح مقصد به هئڻ گهرجي ۽ هميشه مخاطب جي ظرف ۽ ان جي نفسيات جي مطابق ڳالهه ڪئي وڃي ]8[ بدزباني ۽ بي حيائي جي ڳالهين کان هر وقت پرهيز ڪريو، گارگند کان بچندا رهو ۽ ياد رکو ته ڪنهن مسلمان کي بنا اجازتِ شرعي گار ڏيڻ حرامِ قطعي آهي۔ (فتاوي رضويه، ج 21 ص 127) ۽ بي حيائي جي ڳالهه ڪرڻ واري تي جنّت حرام آهي۔ تاجدار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا: ”اُن شخص تي جنّت حرام آهي جيڪو فُحش گوئي (بي حيائي جي ڳالهه) کان ڪم وٺي ٿو۔“ (ڪتاب الصمت مع موسوعه الامام ابن ابي الدنيا ج 7 ص 204، رقم 325)

هزارين سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جا شايع ٿيل ٻه ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں اور آداب“ هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهو۔ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن