Book Name:Jawani Main Ibadat kay fazail

مالڪ ۽ مختار هئڻ جي باوُجُود به حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شوقِ عبادت جو هي عالَم هو جو ڪثرتِ عبادت جي سبب نازڪ قدمن (پَيرن) تي وَرَم (سوڄ) جا آثار ظاهر ٿي ويندا هئا ۽ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اُمّت جي گُناھگارن جي بخشش جي خاطر آھ و زاري فرمائيندا هئا۔ ان مان بِالخُصُوص ان نوجوانن جي لاءِ نصيحت جا مدني گُل مَوجُود آهن جن جو دل عبادت جي طرف مائل نه ٿو ٿئي ۽ اهي سڄي سڄي رات فُضُول ۽ بيڪار ڪمن ۾ برباد ڪري ڇڏيندا آهن، تنهنڪري اهڙن نوجوانن جي خدمت ۾ عرض آهي ته خدارا! مُحسنِ انسانيت، غمخوارِ اُمَّت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ لڙڪن کي ياد ڪريو، دُنيا ۽ آخرت ۾ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اَحڪامِ خُداوَندي جي بجا آوري، نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سُنَّتن جي پيروي ۽ اُخروي اِنعامات حاصل ڪرڻ جي حرص ۾ خوب خوب نيڪيون ڪريو۔

جواني کي پوڙهائپ کان پهريان غنيمت سمجھو

ياد رکو! جواني ۾ عبادت جي توفيق نصيب ٿيڻ، ڪنهن نعمتِ عُظميٰ (وڏي نعمت) کان گھٽ ناهي، ڇو جو جواني جي چانئٺ تي قدم رکندي ئي انسان، شيطان جي خطرناڪ چالن، نَفس جي ناجائز خواہشن، بُرن دوستن جي صحبت، دُنيوي مُستقبل بہتر بنائڻ جي فڪرن ۽ فاني دُنيا جي رنگينين ۾ گُم ٿي ڪري دولت ڪمائڻ جي ناجائز طريقن جي سبب گُناهن جي اونڌاھ ۾ ڀٽڪندو ڦرندو آهي ۽ عبادت ۽ رِياضت جي طرف مائل نه ٿي سگھندو۔ ياد رکو! اسان کي تمام ئي مُختصر وقت جي لاءِ دُنيا ۾ موڪليو ويو آهي ۽ ان وَقفي ۾ قبر ۽ حشر جي طويل ترين مُعاملن جي لاءِ تياري به ڪرڻي