Book Name:Jawani Main Ibadat kay fazail

چاهي هڪڙو ئي ہجي، پاڻ سان گڏ ڏھ (10) بُريون خصلتون کڻي ايندو آهي ﴿1جڏهن ٻانهو گُناھ ڪندوآهي ته اللہ عَزَّوَجَلَّ کي غضب ڏياريندوآهي، جڏهن ته اهو (رَبّ عَزَّوَجَلَّ) ان ٻانهي تي (غَضَب فرمائڻ جي) قُدرت رکندو آهي ﴿2 اهو (يعني گُناھ ڪرڻ وارو) اِبليسِ لَعِين کي خوش ڪندو آهي ﴿3جنّت کان پَري ٿي ويندو آهي، ﴿4جہنّم جي ويجھو اچي ويندو آهي، ﴿5اهو پنهنجي سڀ کان پياري شيء يعني پنهنجي جان کي تڪليف ڏيندو آهي، ﴿6اهو پنهنجي باطن کي ناپاڪ ڪري ڇڏيندو آهي، جڏهن ته اهو پاڪ ہوندو آهي، ﴿7 اهو اعمال لکڻ وارن فرشتن کي اِيذاء ڏيندو آهي، ﴿8 اهو نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي سندن رو ضهء مُبارڪ ۾ رَنجِيدہ ڪندو آهي، ﴿9زمين ۽ آسمان ۽ سڄي مخلوق کي (پنهنجي) نافرماني تي گواھ بڻائي ڇڏيندو آهي، ﴿10 اهو سڀني انسانن سان خيانت ۽ رَبُّ العٰلمين عَزَّوَجَلَّ جي نافرماني ڪندو آهي۔ ([1])

ہماری بگڑی ہوئی عادتیں نکل جائیں

 

ملے گُناہوں کے اَمراض سے شِفا یارَبّ

اٰمِين بِجَاهِ النّبيِّ الاَمِين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم (وسائلِ بخشش ص 376)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته گُناھ هوندو ته هڪڙو آهي، پر ان جي سبب انسان ڏھ (10) بُرائين جو شڪار ٿي ويندوآهي۔ تنهنڪري جيڪڏهن بَتقاضاءِ بَشَرِيت گُناھ سَرزد ٿي وڃي ته فوراً رَبّ تَعاليٰ جي بارگاھ ۾ سچي توبھ ڪريو۔ اَفسوس صَد افسوس! ڪجھ نادان جواني جي نَشي ۽ فاني دُنيا جي



[1]…بحر الدموع،الفصل الثانی:عواقب المعصیۃ، ص۳۰-۳۱