Book Name:Jawani Main Ibadat kay fazail

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بَيان ڪيل حڪايت ۾ ان نوجوان، جواني جي عالَم ۾هن دنيا جي رنگينين کان ناطو ٽوڙي عبادت ۽ رِياضت ۾خود کي مشغول رکيو ۽ شريعت جي حرام ڪيل شيون ڏسڻ کان باز رہيو ۽ اڪيلي سِر، ان ريگستان ۾رہائش اِختيار ڪرڻ کان به نه گھٻرايو۔ هن حڪايت ۾بالخُصوص ان نوجوانن جي لاءِ عِبرت جا بي شُمار مدني گُل مَوجُود آهن جيڪي پنهنجي جواني جي نَشي ۾مَدہوش رہندي نَفس ۽ شيطان جي چڪر ۾ اچي ڪري گُناهن ۾ مُلَوث رہندا آهن ۽ رَبّ تَعاليٰ جي ناراضي جو سامان ڪندا آهن۔ اهڙن کي گھرجي ته جواني جي اَهميت کي سمجھندي ان جي قيمتي لمحن کي فُضول ڪمن ۾ برباد ڪرڻ جي بجائي عبادتِ الٰہي ۾ گُذارين ته زِندگي ۾ اها جواني جي نعمت صرف هڪ ئي ڀيرو ملندي آهي۔

مُفسّر شهير، حڪيمُ الاُمّت، حَضۡرَتِ مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: صحّت، جواني، مالداري ۽ زِندَگي کي ضائِع نه ڪريو، ان ۾ نيڪ عمل ڪري وٺو جو هي نعمتون بار بار نه ٿيون ملن۔ (مزيد فرمائن ٿا ته) جَواني راند روند ۾ گذاري ڪري پوڙهائپ ۾جڏهن عضوا بيڪار ٿي وڃن ان وقت ڪثرتِ عِبادت جي خواہش ڪرڻ بي وقوفي آهي، جيڪو (عمل) ڪرڻو آهي، جَواني ۾ ڪري وٺو جو جَوان نيڪ ماڻهو جو، تمام وڏو دَرَجو آهي۔([1])

رِیاضَت کے یہی دن ہیں بُڑھاپے میں کہاں ہِمّت جو کچھ کرنا ہو اب کرلو ابھی نُوریؔ جَواں تم ہو

(سامانِ بخشش از شہزادہ اعلیٰ حَضرت مُفتی ِ اعظم ہند رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه )

 



[1]… مرآۃالمناجیح،۷/۱۶،ملخصاً