Seerat e Data Ali Hajveri

Book Name:Seerat e Data Ali Hajveri

1.        روحن کي پهچايو، پوءِ پنهنجي حاجت بَيان ڪئي۔ جيئن ئي آئون اُتان کان واپس آيس منهنجي حاجت پُوري ٿي چڪي هئي۔ (الروض الفائق ص۱۸۸)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                   صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ايصالِ ثواب جي اهميت

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل واقعن مان مَعلُوم ٿيو ته اَولِياءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی جي مَزارات تي دُعائون قَبُول ٿينديون آهن، گڏوگڏ بُزرگانِ دين ۽ اَولياءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی کي ايصالِ ثَواب ڪرڻ جي اَهميت به معلوم ٿي، تنهنڪري اسان کي به هي معمول بنائڻ گھرجي! ته جڏهن به ڪنهن بُزرگ جي مَزار شريف تي حاضِري جو شَرَف حاصِل ٿئي ته صاحبِ مَزار کي ضَرور ايصالِ ثواب به ڪريون۔ اسان کي ان جون وڏيون بَرڪتون ملنديون۔

اِنۡ شَآءَاللّٰه عَزَّوَجَلَّ

حضرت سيدُنا امام ابوالقاسم عبدالڪريم بن هوَازِن قُشَيرِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نَقۡل فرمائن ٿا: ته هڪ بُزرگ جو بَيان آهي: آئون حَضرَتِ رابِعه بَصَريه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْها جي حَق ۾ دُعا ڪندو هئس، هڪ ڀيري مون انهن کي خواب ۾ ڏٺو، فرمائي رهيون هيون: ”تنهنجا تُحفا (يعني دعائون ۽ اِيصالِ ثَواب) نُور جي طَبقن ۾ اسان وٽ ايندا آهن جيڪي نُورجي رومالن سان ڍڪيل هوندا آهن۔“

(الرسالۃ القشیریۃ، باب رؤیا القوم، ص۴۲۴)

مَزارات تي حاضري جا آداب

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَولياءِ ڪرام رَحِمَهُمُ الـلّٰـهُ تَـعَالٰی کان برڪتون حاصِل ڪرڻ جي لاءِ ان جي مَزارات تي حاضِري جا به ڪجھ آداب هوندا آهن۔ حاضِري کان پهريان ڪهڙيون ڪهڙيون سُٺيون نيّتون هئڻ گھرجن؟ مَزارات تي وڃي ڪري ڪهڙيون دُعائون ڪرڻ گھرجن؟ مَزارات تي